مهاٻوڏ ۽ رياستي ادارا

0
399
مهاٻوڏ-۽-رياستي-ادارا

 آميريڪي ٿنڪ ٽينڪ “امن انسٽيٽيوٽ” خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي انتهاپرستي سان ملڪي سيڪيورٽي کي خطرو آهي ۽ انکان اڳ جو موسمياتي سانحي سبب فساد شروع ٿي وڃن گورنمينٽ کي يڪسوئي سان معاملي کي منهن ڏيڻ گهرجي. عالمي ميڊيا پاڪستان ۾ تباهي جي مک سببن کي corruption ، climate ۽ mismanagement قرار ڏئي رهي آهي.پر ذهن ۾ هر هر اهوسوال اڀري رهيو آهي ته بيڊ گورننس ۽ ڪرپشن ته واقعي برسات کان پوءِ تباهي جا ذميدار آهن پر پاڪستان جيڪو اسان جي ڄم کان وٺي هيستائين فقط 0.4سيڪڙو گرين گئسن جي پئداوار جو ذميدارآهي ته پوءِ خاص طور سنڌ بلوچستان ۾ ايتري برسات ڇو پئي؟ ماهر چون ٿا ته سنڌ ۾ رڪارڊ برسات پويان رڪارڊ گرمي توڙي بنگالي ۽ سنڌو سمنڊن ۾ هوا جو غيرمعمولي گهٽ دٻاءَ هو جن هن رخ ۾ داخل ٿي ڳرن بادلن ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ “ڪلائوڊ برسٽ” ٿيڻ سبب برساتي ٻوڏ آئي. ان رڪارڊ گرمي، جڏهن جيڪب آباد 53 ڊگري سينٽي گرڊ تي دنيا جو گرم ترين شهر قرار ڏئي ٽهڪي رهيو هو، پويان بنيادي سبب ٻيلن ۽ وڻن جو ڪٽجڻ شامل آهي. ملڪ ۽ خاص طور سنڌ ۾ ٽائون شپ ،هائوسنگ سوسائٽين ۽ وسيع سرڪاري اڏاوتن سبب زمين وڻن کان محروم ٿيندي پئي وڃي جيڪي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي فضا مان جذب ڪري آڪسيجن ماحول ۾ موڪليندا آهن. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن شعبي ترقي ڪئي آهي

اهو ريئل اسٽيٽ جو شعبو آهي. جنهن تحت زرعي زمينن کي پلاٽن ۾ ورهائي وڪرو ڪرڻ شامل آهي. هاڻي ته ان جي نظرياتي تشريح به واضح ٿي ريئل اسٽيٽ تائين محدود ٿي وئي آهي، جنهن تي تبصرو ڪندي ڪجھھ سال اڳ سپريم ڪورٽ چيو هو ته اسلام آباد ۾ سڀ ادارا پلاٽن جي خريد ۽ فروخت ۾ لڳي ويا آهن! وڏن شهرن خاص طورڪراچي ۾ سمنڊڪناري ڊفينس هائوسنگ سوسائٽين جي توسيعي منصوبن سبب مينگروز ڪٽجڻ سبب خدشو آهي ته ڪراچي شهر وڌندڙ سامونڊي ويرن جي ور چڙهي 2060ع تائين سمنڊ جي چاڙ ھھ سبب ان جي جي گهرائين ۾ گم ٿي ويندو. ڪچي جي علائقي ۾ به ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي آڙ ۾ ٻيلا ڪٽيا ويا ۽ بعد ۾ اها زمين قبضا ڪري من پسند سياستدانن جاگيردارن سول ۽ فوجي عملدارن ۾ ورهائي وئي. خاص طور مشرف جي غير جمهوري دور ۾ ناظمي نظام ۽ ضلعن کي پنهنجي من پسند جاگيردارن جي منشا موجب ٽوڙي سندن حوالي ڪرڻ ۽ سول سروسز کي  سندن ماتحت ڪري انتظاميه کي ڪمزور ڪري جاگيرداري نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو . مونکي ياد آهي ته اسانجي هڪ پوزيشن هولڊر دوست کي جيڪو ميڊيڪل ڇڏي سي ايس ايس پاس ڪري قمبر جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو هو سو جڏهن ڪاوڙيل ناظم سان ملاقات ڪرڻ ويو ته اتان جي جاگيردار ناظم کيس زمين تي ويهڻ جو حڪم ڏنو. آخر هو تنگ ٿي واپس بدلي ڪرائي ڪراچي موٽي آيو. اندازو آهي ته دنيا جي زمين سراسري طور 30 سيڪڙو وڻن ۽ ٻيلن سان ڍڪيل آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ اها شرح فقط 5 سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ اها شرح اڃان به گهٽ هوندي. تنهن ڪري اسين واپس بيڊگورننس تي پهچي وينداسين جيڪا ماحولياتي گدلاڻ سان گڏوگڏ ان موسميات دشمن بي ترتيب هائوسنگ“ترقي” ۽ ڪنهن حد تائين ماحولياتي ناانصافي توڙي موسمياتي انتها پرستي جي ذميدار آهي.

هن وقت سنڌ گندي بدبودار بيٺل پاڻي جي تلاءَ جو منظرپش ڪري رهي آهي. پر ان کان وڌيڪ گهمبير ڳالھھ اها آهي ته هتان جي سياست ۽ گورننس پڻ ان بيٺل گندي پاڻي جي تلاءَ وانگر نظر اچي رهيا آهن. پاڻي آهستي آهستي گهٽجي رهيوآهي پر لکين ماڻهو جن۾ خاص طور عورتون ۽ ٻار شامل آهن کليل آسمان هيٺان بک ۽ بيمارين ۾ وڪوڙجي رهيا آهن. حيرت جي ڳالھھ اها آهي ته خاندان جا مرد پويان گهرن جي سنڀال ۾ مشغول آهن ته متان سندن ڀرڪندڙ گهرن تي قبضو نه ٿي وڃي ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي رهيا آهن. خيرپور ناٿن شاھھ شهر ۾ اٺ لاش ڪڍيا ويا جيڪي پنهنجي سامان ۽ گهر جي حفاظت لاءِ ترسيل هئا پر بدقسمتي سان پاڻ به بچائي نه سگهيا. اهي مثال ٻڌائين ٿا ته سنڌ شديد سماجي بحران ۾ به ورتل آهي جنهن کي ٻوڏ وڌيڪ واضح ڪيو آهي. وفاقي سرڪار خاموش آهي ۽ مواصلات جا مک رستا معذور هئڻ باوجود ڪنهن ايمرجنسي جو ڏيک نٿا ڏين. رياست ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي. لڳي ٿو ته سڀ نئين آرمي چيف جي مقرري جي خبر جو انتظارڪري رهيا آهن. هونئن به غير ملڪي سفير ۽ وفد اڄڪلھھ وزيراعظم سان ملڻ بدران آرمي چيف سان ملن ٿا. ڪو تعجب نه ٿيندو ته جلد آئي ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جا نمائيندا به ساڻس ئي معاملا طئي ڪندي نظرايندا. ايف اي ٽي ايف ته پهريائين ئي ساڻن رابطي ۾ هئي ڇو ته سول انتظاميه هٿ کڻي چئي ڇڏيو هو ته باقي رهيل شرط پورا ڪرڻ سندن وس ۾نه آهي.

ان مصيبت دوران اقوم متحده جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف زندگي جي پهرين تقرير ۾لکت کان هٽي ڪري انڊيا سان ڳالهين وسيلي معاملن کي حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. هن چيو آهي ته ٻئي ملڪ هٿيارن سان ليس آهن جنهن سان ٻنهي ملڪن ۾ بک، غربت ۽ بيروزگاري وڌي آهي. ڏسجي ته سومر ڏينهن دفتر خارجه ان جي وضاحت ڪري ٿو يا نه!؟ڇو ته عام طور اهڙن بيانن جي ٻئي ڏينهن پرڏيهي وزارت فورن ترديد ڪندي آهي. پاڪستان ٻوڏ ۾ نه فقط بصرن ٽماٽن جي اڻاٺ هوندي به انڊيا کان امپورٽ ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر کانئن امداد قبول ڪرڻ کان به نابري واري. شهباز شريف موسمياتي انتهاپرستي، ماحوليا تي ناانصافي سبب ٻوڏ ڪري ملڪي نقصانن، ڪشمير، افغانستان،يمن، شام، دهشتگردي، اسلام فوبيا متعلق پڻ ڳالهايو.هن انڊيا جي وزيراعظم مودي جي عدم برداشت جي نظرئي جي مذمت ڪئي ته اسرائيل کان فسطينين خلاف تشدد بند ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو.

هن چيو ته پاڪستاني سوال پڇن ٿا ته کين ماحولياتي ناانصافي جو کاڄ ڇو بنايو ويو آهي. سندن ملڪ ۾ چاليھھ ڏينهن ۽ راتيون مسلسل برسات سبب ملڪ سمنڊ بنجي ويو آهي ۽ اهڙي برسات جنهن جو ذڪر انجيل ۾ ڪيل آهي کي 9/11 جي دهشتگردي سان تشبيھھ ڏيندي هن چيو ته سندن لاءِ اها گرائونڊ زيرو آهي . پر حيرت انگيز ڳالھھ اها هئي ته هن چيو ته هو انڊيا سان ڊگهي مدي واري پائيدار امن جا خواهشمند آهن جيئن ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ انفرااسٽرڪچر ٺاهي سگهجي ڇو ته وسيلا محدود آهن. اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي کي پرامن نموني حل ڪيو وڃي. هن چيو ته هي ڪئميرائون بند ٿيڻ بعد ٻوڏ جي سانحي کي منهن ڏيڻ لاءِ هو ئي اڪيلا رهجي ويندا،ڇو ته ڪئميرائون ٻيهر يوڪرين جنگ ڏانهن مڙي وينديون ۽ ملڪي ڪئمپن ۾ ساڍا ڇھھ لک ڳورھاريون عورتون ڪئمپن ۾ ڪسمپرسي جي حال ۾ ٻارن کي جنم ڏيڻ لاءِ سور کائينديون رهنديون. هن قرض جي ادائگي ۾ رعايت ڏيڻ جو مطالبو به ڪيو. ڪورونا سبب ٻن سالن دوران پاڪستان ڏانهن تقريبن 4 ارب ڊالر قرض جون قسطون جي 20 ملڪن پاران موخر ڪيون ويون آهن. اقوام متحده ۾ تازي پڙاڏي بعد دنيا اهو سمجهيو ته ملڪ ڏيوالو ڪڍڻ وارو آهي ۽ پاڪستاني “خودمختيار بانڊ” جو اگھھ ڪري اڌ تي پهچي ويو. ان جو مطب اهو ٿيو ته عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستاني رياستي گارنٽين تي به اعتبار ناهي رهيو. جنهن سان رپئي جو ملھھ به گهٽجي 245 في ڊالر تي پهتو پر بعد ۾ مفتاع جي وضاحتي بيان بعد رپئي ۾ ڪجھھ ساھ پيو.

ٻوڏ ستايلن جي ڪئمپن جو اقوام متحده جو سربراھ گئٽرس ۽ مشهور اداڪاره اينجلينا جولي به معائنو ڪري چڪا آهن. سرڪار جون اکيون مالي امداد تي آهن. آميريڪا سميت جپان نيوزيلينڊ جرمني ڪانگو ڪوريا انڊونيشيا سميت دنيا جي اهم ملڪن ۾ 450 شهرن ۾ ماحولياتي ناانصافين خلاف مظاهرا شروع ٿي چڪا آهن. 6 نومبر تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ماحوليات بابت 27 هين عالمي ڪانفرنس COP27 ٿي رهي آهي جيڪا 12 ڏينهن جاري رهندي. اهي رسمي گڏجاڻيون ڪو نتيجو ڪڍي سگهنديون يا نه؟ اهو سوال ايترو اهم ناهي جيترو اهو سوال اهم آهي ته رياست سنڌ جي گندي پاڻي کي ڪڍڻ، لکين بيگهر ماڻهن کي مليريا، ڊينگي، هيضي، بخار کان بچائي مک رستا بحال ڪري سگهندي؟ ڇو ته اها عوام جي بحالي کان وڌيڪ سندن ارادن جو امتحان ثابت ٿيندي!