اشرف غني جي ڀاءُ حشمت غني پاران طالبان جي حمايت جو اعلان

0
323

ڪراچي(م ڊ)  اڳوڻي افغان صدر اشرف غني جي ڀاءُ حشمت غني به طالبان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.پاڪستان جي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي حشمت غني اشرف غني جي ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ افغانستان جي صدر هجڻ جي دعويدار امر الله صالح کي ٺڳ قرار ڏيندي چيو ته امر الله صالح کي ٻڌايو ويو آهي ته گهر ۾ رهو يا ڪٿي ٻئي هنڌ هليا وڃو.

حشتم غني افغانستان جي لاءِ امن کي انتهائي ضروري قرار ڏنو ۽ هي انڪشاف به ڪيو ته احمد شاهه مسعود جي پٽ احمد مسعود طالبان سان امن معاهدي تي راضي آهي.هن جو چوڻ هو ته طالبان امن ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، طالبان امن ۽ تحفظ ڏين، اسان هنن جي مدد ڪنداسين.

هن چيو آهي ته دوستن کي شامل ڪري افغانستان ۾ امن جي لاءِ شروعات ٿي ويون آهن، امن عمل ۾ اسان سڀ شامل آهيون، اسان واعدا ورتا آهن، جنگ جو ڪو به ارادو نه آهي. طالبان جي طاقت ۽ ڪمزوري بابت پڇيل سوال تي حشمت غني جو چوڻ هو ته امن آڻڻ طالبان جي طاقت جڏهن ته معيشت ۽ پرڏيهي مامرا ان جي ڪمزوري آهن.

حشمت غني جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ 17 ملين ماڻهو ڏهاڙي تي ڪم ڪندا آهن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن لاءِ معاشي فارمولو گهرجي، طالبان کي درآمدات، بر آمدات، زراعت ۽ خود انحصاري جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ حشمت غني چيو ته اشرف غني ڪرپشن ۾ ملوث نه هو ۽ نه ئي هو ڪيش وغيره پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي، افغانستان ۾ ڪرپسن 20 سال کان هلي رهي هئي، اشرف غني جي دور ۾ افغان وزيرن ۽ صلاحڪارن تي ڪرپشن جا الزام هئا، 20 سال اهو ئي هلندو رهيو ته هن کي وزير بڻايو هن کي مُشير لڳايو.

طالبان جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان پڇيل سوال تي حشمت غني جو چوڻ هو ته ڀاءُ (اشرف غني) جي حڪومت ۾ شامل ٿيس نه ئي وري طالبان جي حڪومت ۾ شامل ٿيندس، افغان عوام جي لاءِ امن ۽ بهتري چاهيان ٿو.