شھدادپور ۾ ڏير پاران ڀاڄائي سان مبينا زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف

0
316

شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور ۾ ڏير پاران ڀاڄائي سان مبينا زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ڏيٿا چوڪ جي رهواسڻ 7 ٻارن جي ماءُ شريمتي پارتي احتجاج ڪندي پنهنجي ڏير موهن باگڙي تي جنسي زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو.

متاثر عورت جو چوڻ هو ته چار ڏهاڙا اڳ ڏير موهن گهر اندر جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، مزاحمت تي سخت تشدد ڪري زخمي ڪيو. هن دانهيو آهي ته پوليس ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڏير خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.