حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ منشيات ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي. فورٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غلام مرتضيٰ بلوچ جي عدالت جوابدار غلام نبي خاصخيلي کي بري ڪيو. مڪي شاهه پوليس 2020ع دوران جوابدار خلاف 170 گرام چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو. گرفتاري بعد کيس عدالتي حڪم تي جيل اماڻيو جتان بعد ۾ جوابدار پنهنجي ضمانت ڪرائي هئي. ساڳئي عدالت سخي پير ٿاڻي تي 2020ع دوران هڪ ڪلو چرس رکڻ واري ڪيس مان جوابدار محمد عارف شيخ کي به ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو آهي. جوابدار ضمانت تي آزاد هئا. گذريل ڏينهن عدالت کين بري ڪري ڇڏيو آهي.