ميڊرڊ(اسپورٽس نيوز) اسپين جي مشهور فٽبال ڪلب ريئل ميڊرڊ کان کيڏندڙ برازيلين فٽپالر ونيسيش جونيئر اسپين جي فٽبال ليگ ۽  ۽ اسپين کي نسل پرست قرار ڏنو آهي. ريئل ميڊرڊ جي ويلنسيا خلاف آخري ميچ ۾ شڪست ملڻ بعد اهو بيان سامهون آيو آهي. ميچ دوران برازيلي فٽبالر چيو ته مون تي ميسٽيلا اسٽيڊيم جي هڪ گول پوسٽ کان تماشائي چٿرون ڪيون آهن ۽ منهنجي توهين ڪئي وئي آهي. ونيسيش چيو ته اهو ڪو هڪ ٻه يا ٽي ڀيرا نه هو اسپينش ليگ لاليگا ۾ نسل پرستاڻا حملا عام ڳالهه آهن ان کي عام ڳالهه سمجهيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته فٽبال فيڊريشن ۽ مخالف ٽيمون ان جي همت افزائي ڪندا آهن. هن انسٽا گرام پوسٽ ۾ چيو ته ڪنهن دور ۾ هي ليگ رونالڊينهو، رونالڊو، ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ لائنل ميسي سان واڳيل هئي پر هاڻ هي نسل پرستن جي ليگ ٿي وئي آهي. هن ملڪ جو اميج هاڻ نسل پرستاڻو ٿي ويو آهي. برازيل ۾ اسپين کي نسل پرست ملڪ سمجهيو ويندو آهي. ريئل ميڊرڊ جي ڪوچ ڪارلو اينسلوٽي چيو ته گرائونڊ ۾ تماشاين ونييئش کي ڀولڙو چيو. راند ان وقت ئي روڪي وڃي ها اهو واقعو ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪو آهي. ان واقعي خلاف ريئل ميڊرڊ جي ٽيم نفرت پکيڙڻ جي شڪايت درج ڪرائي آهي. ٻئي طرف لاليگا انتظاميا معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته نفرت پکيڙڻ جو ڏوهه ٿيو هوندو ته اسان سخت قانوني ڪارروائي ڪنداسين. جڏهن ته فٽبالر کي به تنبيهه ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف فيفا جي صدر گياني انفينٽينو به فٽبالر جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي.