اسٽيل ملز ڪرپشن ريفرنس جو 9سالن بعد فيصلو، سمورا جوابدار باعزت بري

0
208

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت اسٽيل ملز ۾ ڪرپشن بابت فيصلو 9سالن بعد ٻڌائي ڇڏيو، سمورا نامزد ڄاڻايل جوابدار باعزت بري ڪيا ويا، بري ٿيل جوابدارن ۾ ثمين اصغر، اصغر جميل رضوي، چوڌري شفيق عباس، طارق ارشاد ۽ ٻيا شامل آهن، نيب جوابدارن خلاف 2012ع ۾ ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرايو هو، نيب موجب جوابدارن ٺيڪن جي مد ۾ ڪرپش ڪئي، جوابدارن جي ڪرپشن سبب اسٽيل ملز کي 13ملين کان وڌيڪ جو نقصان پهتو.