اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ شھر جي بجير محلي ۾ 14 ورهين جي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي اسماء ڌي ابراهيم بجير گذريل ڏينهن پاڻيءَ جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري بيهوش ٿي وئي. نينگريءَ کي فوري طور اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي. بعد ۾ ڊاڪٽرن پڻ نينگريءَ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. وارثن موجب ڇوڪري پاڻي جو موٽر هلائڻ لاءِ بجليءَ جي تار کي هٿ لاٿو ته تار کليل هئڻ ڪري ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي وئي. واقعي بعد کيس اسپتال کڻي وڃي رهيا هئاسين ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. نينگريءَ جي جنازي نماز ۾ محلي واسين سميت برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.