گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ضلعي انتظاميا عوامي ميڙ تي پابندي جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا، سرڪٽ هائوس گهوٽڪي ۾ سارين جي فصل جي روڪٿام جي سلسلي ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو، سيمينار ۾ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي، سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، ڊائريڪٽر زراعت، ضلعي صدر پ پ مير بابر خان لنڊ، جي يو آءِ ضلعي امير مولانا اسحاق لغاري، احمد علي خان مهر، مير افتخار خان لنڊ، مير حمزو سندراڻي آبادگار بورڊ جي ميان عبدالشريف قريشي ۽ عبدالجبار خان ڌاريجو سميت آبادگارن شرڪت ڪئي.گهوٽڪي ۾ ضلعي انتظاميا پاران سارين جي پابندي بابت منعقد ڪيل پروگرام ۾ ايس اوز پيز جون ڌچيون اُڏايون ويون، تقريب ۾ ايس اوز پيز جي سري عام ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ سماجي وٿي کي نظرانداز ڪيو ويو، ٽائيم نيوز جي ٽيم ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کي تقريب دوران ايس او پيز جي ڀڃڪڙي بابت آئينو ڏيکاريو ته ڊپٽي ڪمشنر ناراض ٿي پيو ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدالله پنهنجي سيڪيورٽي گارڊ معرفت ميڊيا جي ڪيمرامينن کي ڪوريج کان روڪيندي اسٽيج تان هيٺ لاهي ڇڏيو، تقريب ۾ آبادگارن کي گهرائڻ بدران روينيو ۽ زراعت کاتي جي ملازمن کي ويهاريو ويو.