اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ بس اڏي تي گاڏين جي ٽائمنگ تان ٻن ڌُرين ۾ ڇڪتاڻ، هڪ ڄڻو گرفتار، ،جهيڙي جو خدشي سبب اڏي تي پوليس مقرر. اسلام ڪوٽ ۾ بس اڏي تي مختلف روٽن تي هلندڙ گاڏين جي ٽائمنگ جي معاملي تان بس اڏا هلائيندڙ ٻن ڌُرين بشير کوسو ۽ صدر مالڪاڻي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويئي آهي. ٻنهي ڌُرين پاران جهيڙي لاء پنهنجا ماڻهو گهرائي اڏي تي ويهارڻ بعد پوليس بشير کوسو ڌُر جي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪرڻ بعد اڏو پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.