راڻيپور(ن پ ا) راڻيپور پراڻي بس اسٽيڊ ڀرسان روھڙي ڪئنال جي پل تان ناري ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي موجود ماڻهن وقت سر پهچي کيس روھڙي ڪئنال مان ڪڍي ورتو. نوجوان ناري کان موقف وٺڻ تي سندس وارثن پاران صحافين سان بد اخلاقي ڪئي وئي اطلاع تي پوليس پهتي، ناري جا وارث پوليس کي دولاپو ڏئي بنا موقف جي ناري کي موٽر سائيڪل تي کڻي فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته خودڪشي جي ڪندڙ ناري سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ غلام اڪبر لنڊ جي رهواسڻ هئي ڇوڪري جي شادي مرضي موجب مطابق نه ڪرائڻ تان ڇوڪري اهڙو قدم کنيو آهي.