اسلام آباد انتظاميا حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ريڊ زون ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو 

0
332
اسلام آباد انتظاميا حڪومت

اسلام آباد: اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ريڊ زون ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب پي ٽي آءِ 27 مارچ تي ڊي چوڪ تي جلسي جي اجازت لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي انتظاميه کي درخواست ڏني هئي

جڏهن ته مخالف ڌر به ان ئي هنڌ جلسي جي درخواست ڏني آهي، پر ضلعي انتظاميا ٻنهي ڌرين کي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

ذريعن موجب ضلعي انتظاميا حڪومت کي پريڊ گرائونڊ ۽ مخالف ڌر کي ايڇ 9 تي جلسا ڪرڻ جو آپشن ڏنو آهي.ذريعن موجب ضلعي انتظاميا جو خيال آهي ته ريڊ زون ۾ قلم 144 لاڳو آهي ۽ جيڪڏهن ٻئي پارٽيون هڪ ئي هنڌ جلسا ڪنديون ته ڇڪتاڻ جو خدشو آهي جنهن سان صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته انتظاميا مخالف ڌر ۽ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته هنڌ جي چونڊ کانپوءِ آگاهه ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

سياسي جلسا روڪڻ لاءِ ٻڌڻي:شهباز، بلاول ۽ فضل الرحمان سپريم ڪورٽ پهچي ويا