اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جو ڪليئرنس آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

0
171
پاڪ فوج جو ڪليئرنس آپريشن

ڪراچي(م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان مجر جنرل بابر اافتخار جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فروسز جي اتر وزيرستان جي علائقي زنگوتئي ۾ ڪليئرنس آپريشن جي دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ آفيسر۽ هڪ جوان به زخمي ٿي پيو آهي، ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز ( آءِ ايس پي آر ) ميجر جنرل افتخار جو چوڻ آهي ته آپريشن علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا آهن، پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ آءِ اي ڊي ڌماڪن ۾ به ملوث هئا، ترجمان جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سيڪيورٽي فورسز جو هڪ آفيسر ۽ هڪ جوان زخمي ٿيو آهي، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.