لاڙڪاڻي ويجھو 3 معصوم ٻارڙا راند ڪندي پاڻي جي تلاءُ ۾ ڪري ٻڏي فوت

0
430
3 معصوم ٻارڙا راند ڪندي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو پاڻي جي تلاء ۾ 3 ٻارڙا ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا، ماهي مڪول جي ڳوٺ پارو ابڙو ۾ پاڻي جي کڏ ۾ ڪري 5 ورھين جو خادم حسين پٽ اختيار چانڊيو، 7 ورھين جو علي حيدر پٽ ديدار چانڊيو،6 ورھين جي سهانا ڌي مختيار چانڊيو، پاڻي جي تلاءُ ۾ ٻڏي ويا، ڳولا بعد ٻارڙن کي بيھوشي واري حالت ۾ ٻاھر ڪڍي کين چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو ويو جتي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، ٽئين ٻارڙا پاڻ ۾ سوٽ ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي راند ڪندي پاڻي جي تلاءُ ۾ ڪري پيا هئا.