ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي عامر لياقت حسين جي ٽريفڪ اهلڪار سان بدتميزي، وڊيو وائرل

0
947
پي ٽي آءِ ايم اين اي عامر لياقت حسين
ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي عامر لياقت حسين جي ٽريفڪ اهلڪار سان بدتميزي، وڊيو وائرل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي عامر لياقت حسين جي ٽريفڪ اهلڪار سان بدتميزي، وڊيو وائرل ٿي وئي، عامر لياقت حسين جي اهلڪار سان بدتميزي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ٽريفڪ پوليس جو موقف به سامهون آيو. ترجمان موجب اهلڪار ياسر عباس شاهراهه قائدين ڪٽ تي ڊيوٽي تي موجود هو، ان دوران هڪ ڪار اهلڪار وٽ اچي بيٺي، جنهن ۾ 3 ڄڻا سوار هئا، انهن مان هڪ شخص اهلڪار کي چيو ته مون کي سڃاڻين ٿو؟ آئون ايم اين اي آهيان، اوهان ٽريفڪ وارا ماڻهن کي تنگ ڪريو ٿا، پئسا وٺو ٿا. ترجمان موجب عامر لياقت اهلڪار سان بدتميزي ڪئي، هن اي ايس آءِ سان به منهن ماري ڪئي ۽ شور مچايو. ترجمان ٽريفڪ پوليس موجب ساڍا 3 وڳي نرسري وٽ به عامر لياقت ٽريفڪ پوليس سان بدتميزي ڪئي، عامر لياقت سرڪاري گاڏي جي ڊگي ۾ مڪ هنيا ۽ سندس ساٿين اهلڪارن کي ڌڪا ڏنا پر اهلڪارن انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو