اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن بابت پوليس جي شارٽ ۽ لانگ ٽرم پلانس بابت رپورٽ رد

0
239

سکر: اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف فوج، ايئرفورس، رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن لاءِ سنڌ سرڪار کي خط لکيو ويندو

 گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور ۽ سکر جي ڪچي ۾ پوليس جون بيس ڪيمپس قائم ڪيون وينديون، ڪچي ۾ 21 ٿاڻن ۽ روڊ رستن جي تعمير لاءِ سنڌ سرڪار کي لکيو ويندو

سنڌ پوليس بدامني تي ضابطي لاءِ تجويز ڪيل شارٽ ۽ لانگ ٽرم پلانس بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي،  سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو

B7FFPGHCcAI0vey.jpeg

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته توهان رڳو اتر سنڌ بابت پلانس ٺاهيا آهن، اسان سموري سنڌ لاءِ شارٽ ۽ لانگ ٽرم پلان تيار ڪرڻ لاءِ چيو هو

 گذريل ڏينهن عدالتي حڪم تي آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ 20 نقاطي شارٽ ۽ لانگ ٽرم پلانس جوڙيا ويا هئا

هي به پڙهندا

سرداري نظام سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ جيڪي آفيسر لڳن ٿا اهي سردارن جا ڀائر آهن:جسٽس صلاح الدين پنهور

سنڌ مارچ: زين شاهه طبيعت خراب ٿيڻ سبب ڪراچي منتقل