ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ ڪراڙ ڪناري سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جو جنم ڏينهن ملهايو ويو، سنڌي ادبي سنگت، ثقافت کاتي، شيخ اياز فائونڊيشن ۽ شيخ اياز يادگار ڪاميٽي طرفان ڪراڙ ڪپ تي شيخ اياز جي آخري آرام گاهه ڀرسان تقريب منعقد ڪئي وئي ا سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري تاج جويو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ثقافت رحمت الله راڄڙ، غلام مجتبا جوکيو ، حسين سارنگ ، ، ڪوثر سوز، ديوان گاگن داس ، عاجز منگي، ناشاد ناپر، نصير مرزا، ربڏنو روحاني، گل حسن لاکو، اسد ڪيريو، فواد قادري ۽ ٻيا تقريب ۾ شامل ٿيا،  ان موقعي تي  شيخ اياز جي سالگرهه  جو ڪيڪ پڻ  ڪاٽيو ويو،  اديبن، دانشورن ۽ شاعرن پاران  شيخ اياز کي لفظن ۽ شاعري سان ڀيٽا پڻ پيش ڪئي وئي.