سنڌ مارچ: زين شاهه طبيعت خراب ٿيڻ سبب ڪراچي منتقل

0
404

سڪرنڊ: سنڌ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ سيد زين شاهه جي طبيعت ٻيهر خراب ٿيڻ سبب کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو

زين شاهه کي گذريل ڏينهن به طبيعت خراب ٿيڻ سبب نوابشاهه اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، زين شاهه علاج ڪرائڻ بعد ٻيهر مارچ ۾ شامل ٿي ويو هو

 سنڌ مارچ جا قافلا سڪرنڊ مان اڄ نيو سعيد آباد لاءِ روانا ٿيا ته زين شاهه جي طبيعت ٻيهر خراب ٿي وئي

 ڊاڪٽرز جي مشوري تي زين شاهه کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو، زين شاهه کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي، سنڌ مارچ ۾ شامل قافلن جو سفر جاري آهي

هي به پڙهندا

قاضي احمد: ايس يو پي جو مارچ، سيد زين شاهه جي طبيعت خراب