ميرپورماٿيلو: ڪچو ٻنڊي آپريشن ۾ استعمال ٿيل اي پي سي چين جي حوالي سان پوليس ذريعن اھا دعوا ڪئي ته چين ناڪارا هئي. ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل اهلڪار بڪتر بند گاڏي ۾ ويٺل هو، گوليون بڪتر بند گاڏي پار ڪري اهلڪارن کي لڳيون، ٽائيم نيوز فوٽيجز هٿ ڪري ورتا، اي پي سي گاڏي ۾ گوليون پار ڪرڻ جا نشان واضح نظر اچي رهيا ھئا، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس بار بار اِها ناڪارا بڪتر بند گاڏي استعمال ڪري اي ايس آءِ حسن ڪولاچي، اهلڪار خان محمد سميت ٻين اهلڪارن کي شهيد ڪرائي چڪي آهي، ڪچو ٻنڊي مقابلي بابت ايس ايس پي گھوٽڪي جو چوڻ آهي ته اي پي سي گاڏي اندر گوليون ڪراس ناھن ٿيو پوليس اهلڪار اي پي سي چين گاڏي مان ٻاهر پئي نڪتا ته کين نشانو بڻايو ويو.