لاهور (م ڊ) سوشل ميڊيا تي صحافين جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هو ٻڌائي رهيا آهن ته جنهن جڳهه تان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن ان جڳهه جي هو وڊيو اڳ به ٺاهي چڪا هئا انهن کي اتي ڪنهن به قسم جو ڪو هٿيار نظر نه آيو. اتي پستول جيترو ننڍو هٿيار لڪائڻ ته ممڪن آهي پر ڪلاشنڪوف ۽ رائفل جهڙو وڏو هٿيار لڪائڻ ممڪن ناهي.