واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سڌي ريت  ڳالهيون هلندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي، واشنگٽن جو چوڻ آهي ته ڳالهين لاءِ ايران کي اضافي مطالبن تان هٿ کڻڻو پوندو، آمريڪي پرڏيهي وزارت جي هڪ ذميوار عملدار العريبيه کي ٻڌايو ته ايران ۽ آمريڪا ۾ سڌي ريت ڳالهيون هلندڙ هفتي شروع ٿي رهيون آهن، اهي ڳالهيون هلندڙ هفتي جي آخر ۾ نار ملڪن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ذميوار عملدار ٻڌايو ته آمريڪي صدر جوبائيڊن هڪ پراڻي بيان جو حوالو ڏنو ته آمريڪا ڳالهين لاءِ تيار آهي ۽ ڳالهيون ويانا ۾ طئي ٿي چڪيون آهن، معاهدي تي عملدرآمد چاهيون ٿا، هڪ سوال تي هن چيو ته ڳالهين لاءِ ضروري آهي ته ايران اضافي مطالبان تان هٿ کڻي وڃي، آمريڪا پنهنجي يورپي يونين جي ڀائيوارن جو شڪر گذار آهي، جن ڳالهين لاءِ پيغام پهچايو ۽ ڳالهين بابت معاملن کي اڳتي وڌايو.