سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ برقرار، آبادگارن جا مظاھرا جاري

0
156
سنڌ جي مختلف علائقن

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ برقرار، آبادگارن جا احتجاج جاري، لاڙڪاڻو ۾ 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جا آبادگار رستن تي نڪري آيا، انڊس هاءِ وي تي احتجاج دوران پاڻي کوٽ جون دانهون، ٽنڊو باگو ۽ چمبڙ ۾ به پاڻي کوٽ خلاف مظاهراڪيا ويا

 آبپاشي عملدارن تي پاڻي وڪرو ڪرڻ جا الزام ھنيا ويا، آبادگارن دانهيو آهي ته قرض وٺي فصل پوکيا اٿئون، پاڻي نه ملڻ سبب فصل سُڪي ويا ۽ زرعي زمينون بنجر ٿي ويون، شاخن ۽ واهن ۾ پڇڙي تائين حصي جو پاڻي ڏئي فصل بچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو