اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي چونڊن جي حوالي سان پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏنا ته اسان آئين جي ڀڃڪڙي برادشت نه ڪنداسين ۽ چاهيون ٿا ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿين. سپريم ڪورٽ طرفان پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عام  چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس ۾ صدر، وفاقي سرڪار، اليڪشن ڪميشن، پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنرن توڙي ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جسٽس قادر مندوخيل ۽ جسٽس اطهر من الله پاڻمرادو نوٽيس تي اعتراض وريا. چيف جسٽس عمرعطابنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي  نوَ رڪني لارجر بئنچ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. لارجر بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحييٰ آفريدي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته اسيمبليون ٽٽڻ بعد چونڊن جي تاريخ جو اختيار وضاحب جو گهرجائو آهي، حالتون انتهائي سنگين هجن ته چونڊن جو وقت وڌائي سگهجي ٿو، سپريم ڪورٽ آئين جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪندي. سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽيس ۾ ٽي سوال اُٿاريا آهن، پهريون سوال اسيمبلي ٽٽڻ تي اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ ٻيو سوال چونڊڻ جي تاريخ ڏيڻ جو آئيني اختيار ڪڏهن ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي؟ ٽيون سوال اِهو آهي ته عام چونڊن جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن جي ڪهڙي ذميواري آهي؟ٻڌڻي جي شروعات ۾ عدالت چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ بعد چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار وضاحت جو گهرجائو آهي. سپريم ڪورٽ چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبيلون 14 ۽ 17 جنوري تي ٽوڙيون ويون، آرٽيڪل 224 ٻه تحت 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون پونديون آهن. عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪندي، هو چاهين ٿا ته چونڊون آئين موجب ٿين. چيف جسٽس چيو ته عدالت ٽي معاملا ٻڌندي، صدر اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪيو، آرٽيڪل 224 چوي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون، سيڪشن 57 تحت صدر چونڊن جو اعلان ڪيو، ڏسڻو آهي ته صوبائي اسيمبليون ٽٽڻ بعد تاريخ ڏيڻ ڪنهن جو اختيار  آهي؟ جسٽس عمر  عطا بنديال چيو ته چونڊن جو مسئلو وضاحت جو گهرجائو آهي، وقت جي کوٽ سبب ٻڌڻي ڊگهي نه ٿيندي. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پاڻمرادي نوٽيس بابت کيس ڪجهه خدشا آهن، اهو پاڻمرادو نوٽيس نٿو ٺهي. هن چيو ته اسان جي آڏو ٻن اسيمبلين جي اسپيڪرن جون درخواستون  آهن، هي پاڻمرادو نوٽيس جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي جي نوٽ تي ورتو ويو. جسٽس جمال قادر مندوخيل چيو ته ان ڪيس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کي به گهرايو ويو آهي، جيڪو ڌر ناهي. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه سوال ٻنهي اسيمبلين جي اسپيڪرن پنهنجي درخواستن ۾ شامل ڪيا آهن پر سپريم ڪورٽ رڳو آئيني نقطو ڏسندي. هن چيو ته هو رڳو  آئين جي تشريح ۽ ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ ويٺا آهن. عدالت چيو ته نوٽيس جاري ڪيا ويندا، معاملي ڊيگهه نه ڏني ويندي نه ئي ڪو مونجهارو ڇڏڻ چاهيون ٿا. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل وقت ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جمعي ڏينهن رڳو ڪجهه ضروري ڳالهين تائين محدود  رهنداسين، تفصيلي ٻڌڻي ايندڙ هفتي ڪئي ويندي. جسٽس اطهر من الله  چيو ته صوبائي اسيمبلين کي ٽوڙڻ جو به پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي, جسٽس جمال قادر مندوخيل چيو ته ان پاڻمرادي نوٽيس ڪيس تي پنهنجي آبزرويشن ڏيڻ چاهيان ٿو، هي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس نه ٿو ٺهي. هن چيو ته ڪجهه آڊيوز سامهون آيون آهن، جنهن ۾ عابد زبيري ڪجهه ججن بابت ڳالهائي رهيو آهي، اهڙين حالتن ۾ سندس راءِ آهي ته هي ڪيس 184 ٽي جو نه ٿو ٺهي. ان تي چيف جسٽس چيو ته جسٽس جمال مندوخيل جا پاڻمرادي نوٽيس تي خدشا آهن، جن کي نوٽ ڪيو ويو آهي. جسٽس عمر عطابنديال رمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 224 چوي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون ۽ وقت تڪڙ ۾ گذري رهيو آهي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ معاملو ٻڌڻي هيٺ آهي، پر فيصلو نه پيو ٿئي، اسيمبليون ٽٽي 6 هفتا گذري ويا آهن. عدالت چيو ته اليڪشن ڪرائڻ واري معاملي تي  صدر، پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنرن کي ٻڌو وڃي. جسٽس منصور علي شاهه سوال اٿاريو ته ڇا اسيمبليون ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي ختم ٿي سگهن ٿيون؟ نمائندا پنجن ورهين لاءِ چونڊجي ايندا آهن ته ڪنهن جي هدايت تي اسيمبلي ڪيئن ٽوڙي سگهجي ٿي؟ عدالت، صدر، وفاقي سرڪار، اليڪشن ڪميشن، پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنرن کي نوٽيس جاري ڪيا. سپريم ڪورٽ  پاڪستان بار جي وائس چيئرمين، سپريم ڪورٽ بار جي چيئرمين ۽ پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين کي نوٽيس ڪندي ٻڌڻي صبح يارهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.