ڪڍڻ (ن پ ا) ڪڍڻ ۾ برسات متاثرن رليف ۾ مبينا گهوٻين خلاف احتجاج ڪيو. يوسي عبدالله شاھ جي رھواسي حاجي پنھون جمالي اڳوڻي يو سي وائيس چيئرمين الهڏنو جمالي سماجي اڳواڻ حاجياڻي ملاح جي اڳواڻي ۾ علي بندر چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته اسان پ پ جا ووٽر آھيون مسلسل ٽي مھينا برساتن اسان جا اجھا ۽ آباديون تباھ ڪري ڇڏيون چونڊيل نمائيندن ڪا به سار نه لڌي ٻاھرين ملڪن مان مليل امداد متاثرن کي ڏيڻ بدران ايم پي اي بدين صوبائي صلاحڪار پ پ ضلعي جا عهديدار وڪڻي کائي ويا. ھنن وڌيڪ دانھيندي چيو ڪجھ يوسين ۾ من پسند ماڻھن ۾ امدادي سامان مخصوص ماڻھن ۾ تقسيم ڪري پ پ جي اعلیٰ قيادت کي آگاھ ڪيو آھي ته اسان بدين ضلعي ۾ رليف جو ڪم مثالي ڪيو آھي ھنن چيف جسٽس ھاء ڪورٽ سنڌ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کان مطالبو ڪيو آھي ته بدين ۾ متاثرن جي نالي تي ملندڙ امدادي سامان ۾ گھوٻيون ھڻندڙ چونڊيل نمائندن خلاف جانچ ڪري سندن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.