خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي مختلف ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي رهواسين يوسف جلباڻي، نياز، عبدالقادر جاگيراڻي، مولا بخش ميتلو ۽ خيرپور پهچي راشن سميت گهربل سهولتون ۽ رليف نه ملڻ خلاف ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هڻي ضلعي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. مظاهرين صحافين دانهيندي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، اسان جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، روڊن رستن تي بي يار و مددگار ويٺل آهيون. ضلعي انتظاميا کي وڏي امداد ملي آهي پر افسوس جو سامان متاثرن ۾ ورهائڻ بدران لڪائي گم ڪيو ويو آهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته بي گهر متاثرن کي اجها فراهم ڪيا وڃن، راشن سميت گهربل سهولتون ڏنيون وڃن.