ڪراچي/ ٽنڊو ڄام ( رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ مبين مگسي) ڪراچي ۾ڪٽڪو کائيندڙ طارق ڪليم سميت سنڌ جي 8 يونيورسٽين جي فنانس ڊائريڪٽرز کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم  ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾  سنڌ جي 8 يونيورسٽين جي ڊائريڪٽر فنانس جو مدو پورو ٿيڻ باوجود نوان ڊائريڪٽر فنانس مقرر ڪرڻ بدران کين ساڳين ئي  يونيورسٽين ۾ ڊائريڪٽر فنانس طور ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ان لاءِ يونيورسٽيز ۽ بورڊ کاتي پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس طارق ڪليم کي مدو پورو ٿيڻ بعد يونيورسٽي جي عملي کيس آفيس مان ڪڍي ڇڏيو هو، ڪالھه يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي پاران ڪراچي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس طارق ڪليم سميت دائود يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس ،شيخ محمد شبير، جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس عادل رشيد، لمس يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس نديم شڪور جانوري، شاھ لطيف يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر فنانس نثار احمد نوناري، زرعي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس انيل ڪمار، شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جي ڊائريڪٽر فنانس منير احمد، پيپلز ميڊيڪل هيلٿ ومين يونيورسٽي شهيد بينظير آباد عبدالحفيط صديقي کي  ٻيهر ڪم جاري رکڻ لاءِ نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو آهي،8 ورسٽين جي ڊائريڪٽر فنانس کي لا جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نئي سر ڊائريڪٽر فنانس ڀرتي ڪرڻ تائين ڪم ڪندا.