حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد جي عدالت مذهب تبديل ڪري پسند جي شادي ڪندڙ نينگري جي عمر جي خبر پوڻ تائين کيس سيف هائوس ۾ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سائيٽ ٿاڻي جي پوليس ڪراچي مان بازياب ڪرايل چندا مهاراج کي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 6 جي عدالت ۾ پيش ڪيو. نينگري عدالت ۾ بيان ڏنو ته هن رضا خوشي سان اسلام قبول ڪري نوجوان شمن مگسي سان پسند جي شادي ڪئي آهي. نينگري جي امڙ شريمتي آمري ۽ سندس وڪيل آگاهي ڏني ته چندا جي عمر 15 سال آهي ۽ هوءَ ننڍي عمر ۾ شادي نٿي ڪري سگهي. جاچ آفيسر ٻڌايو ته چندا جي نڪاح نامي ۾ سندس عمر 19 سال لکيل آهي پر هن اڃا تائين قومي سڃاڻپ ڪارڊ يا پيدائشي سرٽيفڪيٽ ناهي ڏنو جنهن سان سندس عمر جو پتو لڳائي سگهجي. عدالت ڪجهه دير لاءِ شنوائي ملتوي ڪندي نينگري چندا کي پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پيدائشي سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر چندا بعد ۾ ٻڌايو ته هن وٽ في الحال نه قومي سڃاڻپ ڪارڊ آهي ۽ نه ئي وري هو پيدائشي سرٽيفڪيٽ پاڻ سان گڏ کڻي آئي آهي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد پوليس کي حڪم ڏنو ته چندا جو ميڊيڪل ڪرايو وڃي ته جيئن سندس عمر جي خبر پئجي سگهي. عدالت سيف هائوس جي انچارج ريشما ٿيٻو کي حڪم ڏنو ته چندا کي في الحال سيف هائوس ۾ رکيو وڃي. هڪ ڏينهن اڳ سائيٽ ٿاڻي جي پوليس 15 سالن جي چندا ڌيءُ مالو مهاراج کي ڪراچي مان گهر تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي حيدرآباد منتقل ڪيو هو. پوليس ڄاڻايو ته ڇاپي دوران الزام هيٺ آيل نوجوان کين هٿ ناهي اچي سگهيو. پوليس عدالت ۾ چندا پاران اسلام قبول ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ ۽ نڪاح نامي جي ڪاپي به جمع ڪرائي هئي. عدالتي شنوائي بابت سيف هائوس جي انچارج ريشما ٿيٻو ۽ جاچ آفيسر فرحان شيخ ٻڌايو ته نينگري عدالت ۾ 164 واري بيان ۾ پنهنجي مڙس ڏانهن وڃڻ جي ڳالهه ڪئي آهي پر وارثن پاران نينگري جي ننڍي عمر جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ان لاءِ عدالت سندس ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.