ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا نياز حسين جيسر کي سنڌ جي زڪوات ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوری ڏئي ڇڏي
نياز حسين جيسر ڪي پي ٽي جو جي ام ۽ گريڊ 20 جو رٽائرڊ آفيسر آھي، ڪائونسل ٽن عالم ممبرن مفتي فيروزالدن، مفتي محمد جان نعيمي ۽ محمد اصغر گورمي کي مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني
وڏي وزير جي ترجمان موجب ٻين ميمبرن ۾ ندم ڀٽو، اشفاق علي کي به ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، عورت ميمبرن ۾ مسمات شمم عارف مٺياڻي، ايڊووڪيٽ شاڪره صديقي کي به ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي