ڪراچي(دودو چانڊيو ) سنڌ سرڪار سنڌ جي سونهن ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪري  قيمتي پٿر گرينائيٽ وسيلي ناڻو ڪمائڻ واري ضد تي برقرار آهي، اهو انڪشاف معدنيات واري وزير شبير بجاراڻي ڪالهه سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ ڪيو، صوبائي وزير چيو  ته ننگر پارڪر  تعلقي ۾ واقع ڪارونجهر جي ٻه لک ايڪڙ زمين ۾ 20 ارب ٽن گلابي ۽ ڪارو گرينائيٽ موجود آهي، جبل جي رڳو 50 ھزار ايڪڙ ايراضي تي تاريخي ماڳ مڪان، مندر ۽ عبادت گاهون آهن، انهي 50 هزار ايڪڙ ايراضي کي ڇڏي باقي ڏيڍ لک ايڪڙن جي کوٽائي ڪري گرينائيٽ مان ججهو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، حڪومت چاهي ٿي ته گرينائيٽ جي کوٽائي لاءِ ليزون ڏنيون وڃن  ته جئين ناڻو ڪمائڻ سان گڏ مقامي ماڻهن کي روزگار جا وسيلا به فراهم ڪريون، شبير بجاراڻي  ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت مقامي ماڻهن جي اعتراضن بابت ڪاميٽي پاران جوڙيل رپورٽ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته 50 هزار ايڪڙ زمين تي آثار قديمه جا ماڳ،   مندر ۽ ٻيون عمارتون توڙي جهنگلي جيوت موجود آهي، اهو  محفوظ علائقو آهي، جتي مقامي ماڻهن جي خدشن ۽ اعتراضن سبب کوٽائي جو ڪم  روڪيل آهي، هن ايوان کي ٻڌايو ته مقامي ماڻهن جي اعتراضن تي مون ، سردار  شاهه، قاسم سومرو ۽ ٻين تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن گڏجاڻيون ڪرڻ بعد سيڪريٽرين تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي، جنهن وري عوامي گڏجاڻيون ڪري رپورٽ تيار ڪئي آهي، جيڪا نظرثاني بعد ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت غلط پروپئگنڊا ڪئي وئي، جنهن جي مڪمل انڪوائري ڪرائي آهي، اجلاس ۾ پ پ ميمبر  غزاله سيال ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ غيرقانوني بس، رڪشا ۽ ٽرڪ اڏن کي هٽائڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته لياري ايڪسپريس وي کان جڏهن سهراب ڳوٺ اچجي ٿو ته اتي ٽريفڪ جام ملي ٿي، ٽرڪون، بسون ۽ رڪشائن کانسواءِ ريڙها به موجود هجن ٿا، ان ڪري پريشاني کي منهن ڏيڻو پئي ٿو، هن چيو ته لاهور ۽ ملتان ۾ بهترين نظام آهي، سنڌ سرڪار ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ جنهن تي ٽرانسپورٽ کاتي بابت پارلياماني سيڪريٽري گهنور اسراڻ  سهراب ڳوٺ ۾ ٽريفڪ جا مسئلا هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته اهو معاملو اهم آهي، سنڌ سرڪار   غيرقانوني ٽريفڪ هٽائڻ لاءِ سخت هدايتون ڏنيون آهن، ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڏنڊ به وڌو ويو آهي، اجلاس ۾ پارلياماني ڪاميٽي جي چيئرمين ذوالفقار شاهه زمين  حاصل ڪرڻ بابت ترميمي بل ۽ سنڌ لينڊ روينيو ترميمي بل پيش ڪيا، جيڪي پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا ايوان مان پاس ڪرائي ورتا، جڏهن ته پارلياماني ڪاميٽي جي چيئرمين گهنور اسراڻ  سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ ترميمي بل پيش ڪيو جيڪو پڻ ايوان مان گڏيل راءِ سان پاس ڪرايو ويو،