اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن اداري جي ڪم ۾ مداخلت ناهي ڪئي، اسان ادارن پٺيان بيٺل هئاسين، چيف جسٽس چيو ته اسان ڪنهن به اداري جي ڪم ۾ رنڊڪ ناهي وڌي پر اسان ادارن پٺيان بيٺل هئاسين، اسان جي ان قدم جي نتيجي ۾ شفاف ۽ اڻ ڌريون چونڊون ممڪن ٿيون. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ خيبر يونيورسٽي جي شاگردن جي داخلا رد ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ادارن جو ڪم اسان نه ڪنداسين پر انهن جو ڪم انهن کان ئي ڪرائينداسين، اسان تازو پنجاب جي اليڪشن ۾ به ايئن ئي ڪيو هو.