ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت لائنز ايريا ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ۾227 کان وڌيڪ پلاٽن جي چائنا ڪٽنگ خلاف ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر لينڊ عطا عباس، فريد احمد، طاهر جميل دراني، فريد نسيم،شاهد عمر سميت 6 جوابدارن کي 7،7 سال قيد ۽ 50، 50 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت ضمانت تي آزاد 2 جوابدارن عطا عباس ۽ شاهد عمر کي تحويل ۾ وٺي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. نيب موجب جوابدارن قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان رسايو، جوابدار فريد احمد يوسفزئي ۽ ٻين تي پراجيڪٽ ۾ 227 پلاٽن جي چائناڪٽنگ ڪرڻ جو الزام هو.