جيڪب آباد (رپوٽر) جيڪب آباد ۾ کدڙو فقير ڏينهن ڏٺي گهر اندر گولين جو کاڄ بڻجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته کدڙي فقير کي قتل ڪيو ويو، واقعي سبب کدڙا فقيرن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. خبر موجب صدر ٿاڻي جي حد شريف ڪالوني ۾ هڪ گهر مان 45 ورهين جي کدڙي فقير انيل ڪمار زخمي حالت ۾ مليو، جنهن کي مٿي ۾ گولي لڳل هئي، اطلاع تي پوليس پهچي کدڙي فقير کي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، کدڙي فقير جو لاش ضروري ڪارروائي بعد سندس ڀاءُ رام چند حوالي ڪيو ويو، کدڙي فقير جي ڀاءُ رام چند ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، اسان جو ڀاءُ فقير هو جيڪو جيڪب آباد جي مسواڙ جي گھر ۾ رهندو هو ۽ خيرات وٺي ھو پنهنجو گذر سفر ڪندو ھو، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب لڳي ٿو ته کدڙي فقير کي قتل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن کدڙي فقير جي بيدردي سان قتل ڪرڻ کان پوءِ کدڙن فقيرن ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو ۽ هو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.