ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جَي اسپتالن ۾ غيرمعياري دوائن ۽ ٻارن جي فوت ٿيڻ وارن واقعن جِي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻ جي استدعا: درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ غيرمعياري دوائون رکڻ سان گڏ فنڊز ۾ گهوٻيون هنيون پيون وڃن، آر او پلانٽس جي نالي تي به هڪ ڪمپني کي اربين رُپين جو فائدو ڏنو ويو، عدالت کي آرو او پلانٽس جي منصوبن جي به جاچ ڪرائڻ ۽ گوڙاڻو ڊئم جي متاثرن کي معاوضو ڏيارڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.