ڀان سيدآباد / سيوهڻ  ( ن پ ا ) ڀان ڀرسان ٻن ڪارن ۾ ٽڪر سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾  ڀان سيدآباد ويجهو انڊس هاء وي روڊ تي بوبڪ ڀرسان ٻن ڪارن ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ ڪار سوار عمرالدين لغاري ۽ عظيمان ڀنڊ فوت ٿي ويا، جن جا لاش سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ جي ايمبولنسز ذريعي سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيا ويا. جڏهن تہ حادثي ۾ سڪينہ ڀنڊ، عبدالشڪور راهوجو ۽ فهيم ميمڻ زخمي ٿيا، زخمين کي بہ سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ سيوهڻ منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. موٽروي پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.