ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ  ڇتا خان ڏاھاڻي جو رھواسي 14 ورھين جو  فرمان ولد شاھل ڏاھاڻي8 ڏينھن اڳ موٽرسائيڪل تان ڪري زخمي ٿيو ھو، جيڪو سور نه سهندي رحيم يار خان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. وارثن جو چوڻ هو ته زخمي نينگر کي اسپتال کڻائي وياسين جتي ان جو بهتر علاج نه ڪيو ويو، انصاف ڪيو وڃي. ھوڏانھن ايم ايس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊيوٽي ڊاڪٽر ششپال آگاهي ڏني ته زخمي نينگر کي ملم پٽي ڪري، اي ٽي ايس ويڪسين ۽ ٻيون انجيڪشنون لڳرايون آھن. اسپتال ۾ ويڪسين جي کوٽي ناهي، الزام درست نه آھي.