حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد رينج جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ 20 ليڊي  اي ايس آءِ کي سب انسپيڪٽر طور ترقي ڏني وئي ان سلسلي ۾ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سيد پير محمد شاهه  جي صدارت ۾ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي (ڊي پي سي) جو اجلاس پوليس هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ رينج  جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ 20 ليڊي اي ايس آءِ کي ايندڙ پوسٽ تي ترقي ڏني وئي. ان اجلاس ۾ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جي ميمبرن ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ, ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ ۽ ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو پڻ شريڪ ٿيا.  اجلاس ۾ ليڊي اي ايس آئيز جي ڪيسن جي سروس رڪارڊ جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد ليڊي اي ايس آءِ شبانه، ريحانه، صنم،ريحانه اختر، جنت، شبانه ابڙو، شمع نساءِ, روزينا، شبانه جوکيو، شاهدان، ياسمين ڀٽي، شبانه خواجا، فرحانه، ناهيد اختر، آمنه، رخسانه، حاجياڻي، شمس النساءَ، نوشين ۽ شگفته  کي حقيقي قابليت جي بنياد تي سب انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي.