ڪرپشن سبب سماج تي پوندڙ هاڃيڪار اثر!

 

ڪرپشن جي لفظي معنيٰ بداخلاقي، بي ايماني، غيرقانوني يا غيرانساني طريقي سان ڪنھن شيءِ کي حاصل ڪرڻ آهي. اهڙي طرح ھڪ جسم کي نقصان پھچائڻ لاءِ برين ٽيومر، ڪينسر ۽ دل جي دوري جھڙا خطرناڪ مرض آھن، جيڪي جسم جي خاتمي جو سبب بڻجن ٿا. ساڳي طرح ڪرپشن به ھڪ اھڙي بيماري آھي جيڪا معاشري جي تباهيءِ ۽ برباديءِ جو سبب بڻجي ٿي. بي ايماني ڪنهن به قسم جي ۽ زندگيءِ جي ڪنھن به شعبي ۾ ھجي ته ان کي ڪرپشن چئي سگهجي ٿو. جيئن گلي ۾ ڪچرو اڇلائڻ به ڪرپشن آھي ته سگنل ٽوڙي گاڏي ھلائڻ به ڪرپشن آھي. پنج رپين جي شيءِ پنجاھ رپين ۾ وڪڻڻ به ڪرپشن آھي ۽ وقت تي ڪلاس ۾ نه پھچڻ به ڪرپشن آھي. مطلب ته ھر اھا شي جيڪا ضمير ۽ ايمان کي ھاڃو رسائي ته اھا ڪرپشن آهي. جيڪڏهن اسان ھن معاشري جي ڳالهه ڪريون جنھن ۾ اسين پنهنجي زندگي بسر ڪري رهيا آهيون ان معاشري کي به ڪرپشن سُري وانگر لڳي چڪي آهي. ھتي پٽيوالي کان وٺي گورنمينٽ جي اعليٰ سطح تائين نوڪريون وڪامجي وڃن ٿيون. تعليمي ادارن کي ڏسبو ته يونيورسٽين ۾ شاگردن جي اهليت کي ناهي ڏسبو پر پئسي تي سيٽون وڪڻي ذهين شاگردن سان ويساھ گهاتي ڪئي وڃي ٿي. هتي ڪنهن به اداري ۾ ميرٽ ناهي، قانون ۽ انصاف صرف ڪتابن تائين محدود آهي. ھتي سر بازار جسم، شعور ۽ ضمير وڪامجيو وڃن. ھر ماڻھو بکيو آھي، ڪو عزت ۽ شھرت جو ته ڪو پئسي جو ۽ ڪو حوس جو بکيو آهي. جنھن سان معاشري ۾ بگاڙ ۽ تضاد ڦھلجيو وڃي. جنهن سان ھر قسم جي بک، سڌي يا اڻ سڌي طريقي سان ڪرپشن جو رستو اختيار ڪري ٿي. جيڪڏهن اسان ھن وقت سنڌ جي ڳالهه ڪريون ته ٻوڏ جي ڪري ھزارين ٻوڏ متاثر بي گھر آھن پر گورنمينٽ طرفان ڪوبه نتيجو سامھون نه آيو آھي. سنڌ جي ھن حالت ۾ به گورنمينٽ جو خاموش رھڻ اسان لاءِ ھڪ سواليه نشان آهي؟ اسان جو ملڪ 2018ع جي ھڪ آمريڪي رپورٽ مطابق ايشيا جي ڪرپٽ ملڪن ۾ ٽئين نمبر تي ھو ته اھو ڪيڏو نه ڇرڪائيندڙ عمل آھي. اسان جي معاشري کي اندران کان اڏوهي جيان کوکلو بڻايو پيو وڃي ته ٿورو سوچيو جنھن ملڪ ۾ کير ۾ پاڻي ملائي وڪرو ڪيو وڃي ۽ زندگيءِ جي هر شعبي ۾ ڏوڪڙن تي ڪم ٿيندو ھجي، اتي انسانيت جو بلڪل به قدر نه ٿيندو. ان ملڪ ۽ معاشري جو ڪھڙو حال ھوندو جنهن جو نتيجو اسان جي سامهون آهي. جيڪڏھن اسان کي ڪرپشن جھڙي مرض کان نجات حاصل ڪرڻي آهي ته اسان کي پٽيوالي کان وٺي وزير اعظم تائين جو احتساب ڪرڻو پوندو ۽ انسانيت جا اعليٰ ڳڻ اپنائڻا پوندا. دنيا ۾ اھي ئي قومون تاريخ جي ورقن ۾ زندھ رھنديو آھن جن سچائي، ايمانداري ۽ انصاف سان ملڪ جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ڪم ڪيو. تنھن ڪري اسان کي به اھائي واٽ اختيار ڪرڻي پوندي ته جيئن اسان به ٻين ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيھي سگھون.

 

گلجي ميگهواڙ

 

ڪائنات ۽ انساني ارتقا

 

ڪائنات ڪيئن ٺھي؟

يقينن اسان کي ٻڌي ۽ پڙھي اھا حيرانگي ٿيندي ته ڪائنات ھڪ تمام وڏي ڌماڪي جي ذريعي وجود ۾ آئي. جنهن مان سج، چنڊ، تارا، ڌرتي ۽ ٻيا سيارا وجود ۾ آيا. آھستي آھستي مختلف سيارا جھڙوڪ مريخ، عطارد، ڌرتي، سج، چنڊ پکڙجندا ويا ۽ پوري ڪائنات جو وجود پيو. اھو ھڪ نظريو آهي جنهن کي ڪتابن ۾ پڙھايو وڃي ٿو، جنهن کي سائنس بلڪل پنهنجي طورطريقن ۽ باريڪين سان بيان ڪيو آهي. حيرانگي تڏهن ٿئي ٿي ته سائنس انهن بنيادي سوالن تي بحث ۽ مباحثن کانپوءِ زندگي تي ڳالهائي ٿي مطلب زندگي جو وجود ڪيئن پيو؟ زندگيءِ جي اصليت جو اندازو لڳائڻ لاءِ سائنسدان ڪيترن ئي طريقن سان ان مسئلي جي تحقيق ڪري رهيا آهن. ڪي سائنسدان اسان جي ڌرتيءِ تي زندگيءِ جو مطالعو ڪري رهيا آهن. ڪجھه سائنسدان اسان جي شمسي نظام ۾ ٻين سيارن يا چنڊن تي زندگي يا فوسل زندگي ڳولي رهيا آهن. ۽ ٻيا سائنسدان ٻين شمسي نظامن ۾ زندگيءِ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، يا ته دور دراز سيارن جي ماحول تي زندگيءِ جي اثرن کي ماپڻ يا مصنوعي تابڪاري کي ماپڻ جهڙوڪ ريڊيو سگنلز جيڪي شايد ترقي يافته زندگي ذريعي پيدا ڪيا وڃن.

هن وقت تائين، اسان جي پنهنجي ڌرتي زندگي کي جانچڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ مفيد طريقو آهي. تنهن هوندي به، اسان جي پنهنجي پسمنظر ۾، زندگي جي شروعات کي طئي ڪرڻ ڏکيو آهي. ڇو ته اهو گهٽ ۾ گهٽ 3.5 بلين سال اڳ شروع ٿيو. اسان ڄاڻون ٿا ته زندگي گهٽ ۾ گهٽ 3.5 بلين سال اڳ شروع ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو زمين تي زندگي جي فوسل ثبوت سان گڏ سڀ کان پراڻي پٿر جي عمر آهي. زندگي کي بحث ڪرڻ لاءِ مختلف سائسدانن پنهنجا رايا ۽ نظريا پيش ڪيا. ڪنهن چيو ته زندگي جاندار شين مان ئي وجود ۾ ايندي آهي، ڪنهن چيو ته زندگي صرف غيرجاندار شين ھوا، باھ،پاڻي ۽ مٽي مان وجود ۾ ايندي آهي بحر حال ھي ھڪ تمام خشڪ موضوع آهي جنهن تي پورو ڪتاب لکجي ته به گهٽ آهي. البت زندگي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ جا نظريا وري ھڪ دفعو ٻيھر ويچار ۾ وجهيو ڇڏين ته واقعي اسان انسان ائين ھئاسين. مطلب اڳ ۾ اسان انسانن جي ارتقا ( evolution ) جانورن مان ٿي  آهي، اسان گاهه کائيندا ھئاسين ڇو ته اسان وٽ ھينئر وارو لذيذ کاڌا ٺاھڻ وارو ڪانسيپٽ ئي ڪونه ھو. اسان ھينئر جي ڀولڙن وانگي آفريڪا جي ميدانن ۾ ھٿن ۽ پيرن تي ھلندا ھئاسين ۽ جڏهن اسان کي بک لڳي ته ڪنهن جانور جو شڪار ڪري ڪچو کائي ڇڏيندا ھئاسين، ڇاڪاڻ ته تڏهن وشنوئي وارو نظريو به ڪونه ھو ۽ جڏهن آفريڪا جا ميدان مختلف ٻوڏن جي ڪري پاڻي سان ڀرجڻ لڳا تڏهن اسان ٻن پيرن تي بيھڻ سکيو ۽ آھستا آھستا ھلڻ وارو سفر طئي ڪيو. پر اسان وٽ ڳالهائڻ وارو ڪانسيپٽ ھو ڪو نه جيئن اڄ اسان انگلش ڳالهائڻ لاءِ انگلش ميڊيم اسڪول ۾ داخلا وٺندا آهيون. ان وقت اسان انسان گروھن ۾ رھندا ھئاسين پر اسان جو دماغ ڏاڍو شاطر ھو رات جو جڏهن پريوار جا ڀاتي سمھي رھندا ھئا ته ھڪ ٻه ڄڻا پھرو ڏيندا ھئا ۽ ان وقت کانپوءِ اسان وٽ فوج پوليس ۽ ڪيترن ئي خطرناڪ سيڪيورٽي ادارن جو وجود پيو. ان وقت جي انسان کي ڪڏهن ڪڏهن وڏا جانور ڏکيا پوندا ھئا ان ڪري انهن جبلن جي غارن کي پنھنجو گھر بڻايو. ڪڏهن ڪڏهن ته مختلف انسان جي گروھن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيندو ھو جيئن پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ تڪرار ٿيندا رھندا آهن يا اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ بمباري پوءِ انهن پٿرن مان ھٿيار ٺاهڻ شروع ڪيا جنهن کي پٿرن جو دور سڏيو وڃي ٿو ۽ آھستا آھستا ترقي ڪرڻ واري راھ ڏانهن گامزن ٿين ٿا جيئن 5000 ھزار سال پراڻا مصر مان ملندڙ آثار جنهن تي لکيل ٻولي مان خبر پئي ٿي ته انسان سڀ کان پھرين لکڻ ۽ پڙهڻ وارو ھنر  مصر جي تھذيب ميسوپوٽيميا مان سکيو. مطلب ته مصر وارن دنيا کي پڙھڻ ۽ لکڻ سيکاريو ۽ مصر جي تھذيب وارن ئي جھاز، ايگريڪلچر، ميٿيميٽڪس، جاميٽري ۽ ٻين علمن مان مھارت حاصل ڪري ايندڙ دنيا جي ھر نسل کي جانور مان انسان ٿيڻ واري ترڪيب کان متعارف ڪرايو، انهن ھزارين فٽ ٽڪنڊا پيرامڊس ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ ڏھ ھزار ڪلوگرام جا بلاڪ ٺاھي بغير ڪنهن مشينري سان ھزارين فٽ مٿي کڻي پنھنجي جاءِ تي فٽ ڪري رکي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ته ايترا وڏا بلاڪ جنھن کي ڪٽڻ ۾ ڪيترائي مھينا درڪار ھوندا ھئا، اھي بلڪل صحيح شڪل ۾ ڪيئن ٺاھيا. وري انڊس ويلي سلولائزيشن جيڪا اڄ پاڪستان ۾ واقع آهي اھا به اسان جي انسان جي ڏاھپ جو معجزو آهي. ھن ۾ موهن جو دڙو ۽ ھڙاپا ۾ ملندڙ آثارن به انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪيو  آهي. 5000 ھزار سال پراڻي انڊس ويلي سلولائزيشن انسان کي صاف شفاف گليون گهٽيون ٺاھڻ جي مھارت ڏني. سوئمنگ پول ڏئي وھنجڻ سيکاريو. موهن جي دڙي ۾ اڄ به تلاءِ موجود آهن، جنھن کي اسان سوئمنگ پول چوندا آھيون. انڊس جنهن انسان کي ڏيتي ليتي مطلب واپار ڪرڻ سکاريو جنھن انسان کي ڦيٿي جو ڪانسيپٽ ڏئي پوري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو .

 

پرتاب ڪيسراڻي ڀيل

 

منشيات سبب نوجوان نسل تباھه

 

سنڌ ۾ منشيات جو ڪاروبارڏينهو ڏينهن وڌندو پيو وڃي، نوجوان نسل تباھي ڏانهن وڌڻ لڳو آهي. نوجوان ڀنگ، چرس، آفيم، شراب ۽ آئيس جهڙا خطرناڪ نشو واپرائي رهيا آهن. هو اسڪولن ۽ ڪاليجن جي بجاءِ ميخانن جو رخ ڪن ٿا، جتي هو نشو واپرائن ٿا. سنڌ ۾ منشيات جا اڏا پهريان شهرن ۾ هئا هاڻي منشيات فروشن ڳوٺن ڏانهن رخ ڪيو آهي، جتي نوجوان نسل کي ٻن روپين جي لالچ ڏئي ڪري انهن کان نشو وڪرو ڪرايو پيو وڃي. هنن خلاف آخر ڪارروائي ڪير ڪندو ؟ تازو واقعو پيش آيو ڳوٺ گلڻ خان لغاري ۾ نوجوان حق نواز لغاري آئيس جو نشو واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو. اهڙا ڪافي واقعا پيش آيا آهن پوءِ به گھوٽڪي انتظاميه اگھور ننڊ ستل آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪري سخت سزا ڏني وڃي، جيئن نوجوان نسل نشي واپرائڻ کان بچي ۽ نوجوان تعليم پرائي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن.

 

فرمان علي لغاري /گهوٽڪي

 

صحت واري وزير ڏانهن چٺي

 

ڪجھه وقت کان وٺي هيلٿ جي ملازمن سان ناجائزيون ٿي رهيون آهن، يقينن انهن جون دانهون اوهان اڳيان گذريون هونديون، جنهن ۾ گهوٽڪي جي چڍڙ برادري جي ماڻهن کي ڊي ايچ او گهوٽڪي پاران ٽارچر ڪيو پيو وڃي، ان جو سبب هڪ ڊاڪٽر آهي ۽ اوهان جو اهو به سوال هوندو ته اهو ڊاڪٽر ايئن ڇو ڪندو؟ اهو سمورو رڪارڊ اوهان گهرايو ته آخر معاملو ڇا آهي! هن وقت صرف ۽ صرف چڍڙ برادري جي ماڻهن کي طرح طرح سان تنگ ڪيو پيو وڃي. ڪڏهن سرڪاري ڪوارٽرن کان بيدخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون ته ڪڏهن ٽرمنيٽ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. هن وقت مسئلو اهو آهي ته چڍڙ برادري جي 30 ڄڻن کي ڊي ايچ او گهوٽڪي پاران شوڪاز نوٽس جاري ڪيا ويا آهن ۽ هي اسان کي يارهن تاريخ تي ڏنا ويا آهن جنهن تي آئوٽ ورڊ پنج تاريخ جو ڪوڙو ڏنو ويو آهي، اهو ان ڪري ته جيئن جلدي ۾ جواب داخل نه ڪرائن ۽ اسان انهن مٿان ٻي ڪارروائي ڪريون. عرض اهو هو ته اگر اسان کي ڊيوٽيون مليون آهن ته اوهان جي تسلسل سان ۽ اسان پ پ جا ووٽر به آهيون اسان جا ڪائونسلر بيٺل آهن پ پ جي طرفان. اگر هي سڀ غير قانوني ڀرتيون ٿيل آهن ته سڀني کي لاٿو وڃي ان ۾ اگر اسان جي برادري وڃي ٿي ته بسم الله. ٻيو ته اوهان پاڻ ليٽر جاري ڪيو هو ته غلط طريقي سان پروموشن ڪيل کي هٽايو وڃي، انهن مان ته هڪ کي نه ٿو هٽايو وڃي ۽ 2012 ۾ پابندي دوران جعلي ڀرتيون ڪيون ويون هيون. هيلٿ ۾ اهي برقرار آهن ته چڍڙ برادري غلط ڪهڙي قانون مطابق؟ ڇا اسان پاڪستاني ناهيون؟ ڇا اسان سنڌ جا رهاڪو ناهيون؟ ڪهڙي قانون ۽ آئين مطابق اسان سان ناجائزيون ڪيون پيون وڃن، اسان جو مطالبو آهي ته ڊي ايچ او ۽ ان جي ٽيم مٿان ايڪشن کنيو وڃي

 

علي حسن `احسن´چڍڙ /ميرپور ماٿيلو

 

سرحد پار رھجي ويل رت جا رشتا

 

ھڪ روح جا رشتا ۽ ٻيا رت جا رشتا ھوندا آھن. ڪافي وقت کان سرحد پار رھندڙ رت جي رشتن جي سيني ۾ سڪ ۽ ھيئين جي ڇڪ ويتر ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آ. 1971ع جي اھا اڀاڳي رات جنھن رات جو  ڪن پاٽن ۾ اٽو ڳوھيل رھيو ۽ لالٽين بتين جا ٽمڪا به بند ٿي چڪا ھئا. ھر ڪنھن کي پنھنجي ساھ جي لڳي ڪو ڪيڏانھن ڪو ڪيڏانھن وتو ٿي ڊڪندو.

ورھاڱي جا وڍ ويتر وسرن ئي نٿا جڏھن ڪنھن وار عيد، ھولي، ديوالي تي پنھجن رت جي رشتن جي سار اکين جي پنبڻين ۾ لڙڪن لار بڻجي پاند آلا ٿي ڪري ڇڏي. ڪي ڪي اھڙا خاندان آھن جنھن جا ماءُ پيءُ سرحد جي ھن پار آھن. ڪن ڀائرن جون ڀينرون سرحد پار رھجي ويون، جيڪي رکشا ٻنڌڻ جي تھوار تي راکي ٻڌائڻ لاءِ تڙپن ٿيون ۽ انھن ڀينرن جي پيار ۽ پريت جا ڪيئي سپنا ھڪ پل ۾ چڪنا چور ٿي وڃن ٿا. ته اھي ڪچي سٽ جي ڌاڳي مان ٺھيل راکي ٻڌڻ لاءِ ڪيئي ڪارايون ترسن ٿيون. ڪافي عرصي کان بند پيل ٿر ايڪسپريس نه کلڻ ڪري خاص ڪري ھندو برادري پنھنجي مقدس آستانن جي تيرٿ ياترا کان به قاصر رھي آھي. پاڪستان جي سرحد جي ھن پار ڀارت ۾ ھندن جون ڪافي عبادتگاھون ‘ مندر ۽ درگاھون آھن، جتي ھتان جا ھندو ۽ مسلمان ڀائر وڃڻ لاءِ تڙپن ٿا. جن ۾ ھردوار، ڪاشي، گنگا، جمنا، ڌٽ رامديرا پشڪر، روڻوجھا، جيسلمير، بيڪانير، گجرات، ڀڄ، ڪڇ، جوڌپور راجسٿان، ٻاڙمير ۾ ڪافي سارا مندر ۽ عبادتگاھون آھن، جتي وڃڻ ٿر ايڪسپريس بند ھئڻ ڪري ناھن وڃي سگھيا. اسان وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي گذارش ٿا ڪريون ته ٿر ايڪسپريس بحال ڪري ھندن ۽ ملسمان ڀائرن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

گورڌن داس پرمار/ کاروڙوسيد امرڪوٽ

سنڌ جي دشمنن کي ڪڏھن به ووٽ نه ڏجو !

 

هاڻي وري اهي ڏينهن اچڻ وارا آهن جڏهن هي اسان جا ڪرپٽ نمائندا ڳوٺن ۽ شهرن جا دورا ڪرڻ وارا آهن. انهن جا ڪم وري اچي غريبن ۾ پيا آهن اهي ساڳيا نمونا وري شروع ڪرڻ وارا آهن ته اسان توهان کي روڊ رستا، صحت مرڪز ، تعليم جي سهولتن کان ويندي توهان کي نوڪريون ڏينداسين. هن سنڌ کي پئرس ڪنداسين. سنڌ جي پوئتي پيل علائقن کي اگتي آڻينداسين .هاڻي هنن ساڳين سياستدانن کي اهي ڳوٺ، وستيون ائين ياد هوندا جيئن بکايل کي ماني. هاڻ اهي ڏينهن اچڻ وارا آهن جو هنن نمائندن کي تعزيتون به ياد اينديون ته ڪهڙن ڪهڙن ڳوٺن ۾ قضيا ٿيا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي وڃڻو آهي. هي اهي ساڳيا ئي اسيمبلي ميمبر آهن جيڪي پنج سال گذرڻ کان پوءِ ٿا نظر اچن. انهن کي پنجن سالن کان پوءِ ٿيون تعزيتون ياد اچن. انهن کي سنڌ جون حالتون پنجن سالن کان پوءِ ٿيون بگڙيل نظر اچن. پر جڏهن هي ساڳيا اقتدار ۾ هوندا آهن ان وقت ڇو هي سڀ هنن کي نظر ناهي ايندو؟ آخر ڇو جڏهن ووٽن جو وقت ويجهو ايندو آهي هي هڪ هڪ ڳوٺ واسي کي ڳولي ان سان ملڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ جڏهن اهي اقتدار ڌڻي ٿيندا آهن انهن ڳوٺ واسين جا مسئلا حل ڪرڻ ته ٿيو پري پر هي اقتدار ڌڻي انهن سان ملڻ به پسند ناهن ڪندا. ياد رکو جيئن ووٽن جو وقت ويجهو ايندو ويندو هر پارٽي جا اٽالا ڳوٺ واسين سان رابطا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا پر خاص ڪري انهن سنڌ دشمنن کي اي منهنجي سنڌ جا غيرتمند سنڌيو، پنهنجن پنهنجن علائقن مان ڳوٺن مان ڪڍي ڇڏجو، جن پهريان کان وٺي ويندي، سنڌ ورهاست جا هنگامه پئي ڪيا. انهن سنڌ دشمنن کي منهنجي توهان جي هن سهڻي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جون سازشون پئي ڪيون انهن کي ڪو به حق ناهي.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

ٻوڏ جي تباهي متاثر عوام ۽ سنڌ جا سور

 

سنڌ جي سرموڙ شاعر امداد حسيني جي شاعري ” حال امداد جو پڇو ڇا ٿا اڄ مڙئي سور ڪجهه سوايو آ ” تي جڏهن نظر پئي ته مون کي وري سنڌ جا سور ياد اچي ويا. امداد حسيني ته سورن جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ڪري ڇڏيو پر سنڌ پنهنجا سور ڪنهن کي سڻائي؟ سنڌ جا سور ھونئن ته ڪي نوان ناھن پر تازو برساتن ۽ ٻوڏ سنڌ جي سورن کي سوايو ڪري ڇڏيو آهي. اسان ته ورھين کان ٻڌندا پيا اچون ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، جيڪا ھڪ حقيقت پڻ آهي پر انهن قدرتي وسيلن مان سنڌ جو عوام اڄ به بي فيض آهي. پوءِ اھو تيل ھجي يا گئس ھجي توڻي جو کڻي سنڌ جو ڪوئلو ھجي، جتان جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو اتي جي زميندارن کي نه صحيح معاوضو ٿو ملي نه مقامي ماڻهن کي  اڪثريت ۾ روزگار ٿو ملي. جيتوڻيڪ سنڌ جي حڪمرانن به سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ ڪي خاص قدم نه کنيا آهن پوءِ اھي پيپلز پارٽي جا اقتداري 14 سال ھجن يا ان کان اڳ جا حڪمران ھجن، پر اھو ته آهي ته ھنن پنهنجي قسمت کي ضرور سنواريو آهي. الميو اھو به آهي ته سنڌ جي حڪمرانن ۽ ڪامورا شاھي 75 سالن ۾ برسات جي پاڻي کي لنگھه نه ڏئي سگھيا آهن. نه شھرن ۾ ڊرينيج جو نظام فعال آهي نه ئي ٻھراڙين ۾ سم نالن جي کاٽي ٿئي ٿي، جنهن جي ڪري اسان ھر سال ٻڏندا ۽ ترندا پيا اچون. ست ھزار سالن جي تھذيب رکندڙ امير سنڌ جا غريب سادا سٻاجھڙا ماڻهو اڄ به راشن بيگ، تنبو ۽ ترپال لاءِ واجھائي رھيا آهن. سندن اکيون اڄ به  امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن ۽ اسان جا حڪمران حاتم طائي کان به وڏا سخي ٿي روز ٽي وي تي ويھي راشن جي  بيگ جا به تفصيل ٻڌائيندا وتن. سچ ته جڏهن به سنڌ جو ڪيڏارو لکجي ٿو ته  اکين ۾ پاڻي اچيو وڃي. سنڌ جا ماڻھو راشن، تنبو ، ترپال ۽ 25 ھزار رپين کان مٿانھان آهن. سنڌ جا ماڻهو عزت ڀريو روزگار چاھين ٿا. سنڌ جي ماڻھن کي قدرتي وسيلن جي بھتر رائلٽي ملڻ گھرجي. سنڌ جي آبادگارن کي زرعي جنسن جو مناسب اگھه ڏنو وڃي. ٻج ۽ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽـگ ختم ڪئي وڃي. منافي خور واپارين جي ڪن مروٽ ڪئي وڃي. ڪامورا شاھي توڙي سياسي ماڻهو ھاڻ حلال کي ترجيح  ڏيندي ترقياتي ڪمن واري بجيٽ مان ڪميشن سسٽم کي ختم ڪن ته جيئن ڏکين ڏينهن جي عمر ڪجهه گھٽجي سگهجي.

 

محمد اسلم سمون / ٽنڊومحمدخان

ٻوڏ متاثرن جي دردن جو داستان!

 

سنڌ ازل کان سورن ۾ آھي. سنڌ جي سورن جي ڪھاڻي ختم ٿيڻي نه آھي، حادثن مٿان حادثا پيا ٿين. ھڪڙا حادثا فطري طور ٿين ٿا جن کي روڪڻ رب ڪريم کان سواءِ ڪنھن جي وس جي ڳالھه نه آھي. ٻيا حادثا حڪمرانن جي نااھلي سبب ٿين ٿا جن کي روڪڻ ممڪن آھي بشرطيڪه اعليٰ اختيارين جي نيڪ نيتي ھجڻ ضروري آھي. حڪمرانن وٽ ڌن دولت ۽ اختيار آھن، اھي پنھنجا سڀ وسيلا استعمال ڪري حادثن کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ اپاءِ وٺن ٿا. اڳواٽ اپاءُ وٺڻ سان نقصان گھٽ ٿيندو آھي. دنياجا سمورا ملڪ حادثن کان بچڻ لاءِ پنھنجا سمورا اختيار استعمال ڪري عوام کي جاني مالي نقصان کان بچائيندا آھن. ھلندڙسال ملڪ ۾ آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ پوندڙ غير معمولي برساتن ملڪ جي چئني صوبن ۾ تباھي مچائي ڇڏي، خصوصن سنڌ ۽ بلوچستان گھڻا متاثر ٿيا. ماڻھن جا اجھا پٽ پئجي ويا چوپايو مال مري فصل تباهه ٿي ويا. سڀ ڪجھه لڙھڻ سان گڏ ماڻھن جون مستقبل لاءِ سيني ۾ سانڍيل سوين آسون ۽ اميدون پڻ لڙھي ويون. ھڪ سروي مطابق سنڌ جو نوي سيڪڙو فصل تباهه ٿي ويو. لکين ماڻھو بي گھر ٿي ويا جيڪي اڄ تائين اجھا ٺاھڻ لاءِ پريشان آھن ۽ درجنين ماڻھو فوت ٿي ويا. تازين برساتن ۾ پاڪستان ۾ تاريخي معاشي تباھي ٿي. نقصان جي ازالي لاءِ وزير اعظم شھباز شريف ۽ ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪيترن ئي ملڪن ۾ امداد وٺڻ ويا اربين ڊالر ٻوڏ تباھي جي بھاني وٺي آيو پر افسوس سنڌ جي عوام جي ڪا خاص سھائتا نه ڪئي وئي. سڀ کان وڏا بکيا اسان جا وزير، مشير ۽ ڪامورا ھئا جن ٻوڏ جي نالي مليل ھر امداد ھڙپ ڪري ڇڏي. ماڻھو اڄ به روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آھن، جيڪڏھن سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ٻاھرين امداد جو اڌ حصو سنڌ جي عوام مٿان خرچ ڪن ھا ته يقينن سنڌ جي عوام جي حالت بدلجي وڃي ھا. پر ھنن ھڙئي حدون اورانگھي ڇڏيون آھن سڀ ڪجھه ھضم ڪري ڇڏيائون. سنڌ جو عوام الله جي آسري آھي الله پاڪ سڄي ملڪ سميت سنڌ جي متاثر مارن جي پڻ مدد ۽ حفاظت فرمائي

 

اسماعيل بھلڪاڻي