ڇا سياسي استحڪام پيدا ٿيندو؟

0
190
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ هن وقت ڪيترن مسئلن ۾ گهيريل آهي پر ان جو بنيادي سبب اهو سياسي عدم استحڪام آهي جيڪو گهڻين ڪوششن باوجود اڃا پيدا نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري ٻيون به ڪيتريون خرابيون پيدا ٿي رهيون آهن ۽ روز نوان مسئلا ڪر کڻي رهيا آهن.اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن سمجهيو ويندو آهي پر هتي اسان وٽ وري اختلاف راءِ بدران ضد کي اهميت ڏني ٿي وڃي يا وري پنهنجي ضد کي اختلاف راءِ سمجهيو ويندو آهي يا پيش ڪيو ويندو آهي جنهن ڪري ڪا به ڳالهه اڳتي وڌندي نظر نه ايندي آهي.ڪالهه   قومي اسيمبلي جي 8 ۽ پنجاب جي ٽن سيٽن تي چونڊون ٿيون آهن، توڙي جو شروعاتي نتيجن مان اهو واضح ٿي رهيو هو ته پي ٽي آءِ اڪثريت سان اهي سيٽون کٽي رهي آهي سواءِ ٻن جي، پر هتي سوال اهو آهي ته ڇا اهي چونڊون  ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجنديون يا ملڪ ۾ جيڪا سياسي ڇڪتاڻ افراتفري،غير يقيني ۽ عدم استحڪام آهي ان کي اڃا به واڌئينديون.

ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ چونڊون عوام جي مرضي ڄاڻڻ جو پئمانو سمجهيون وينديون آهن ته ملڪي عوام ڇا ٿو چاهي اهو ملڪ کي ڪهڙي طريقي سان ۽ ڪهڙي قيادت جي ذريعي هلائڻ ٿو چاهي .اسان وٽ اڳوڻي حڪومت کي بي اعمتادي جي رٿ ذريعي هٽائڻ کانپوءِ اڃا تائين اها غير يقيني جي صورت برقرار آهي ته ڇا اسيمبليون پنهنجي رهيل مدت پوريون ڪنديون يا اڳواٽ چونڊون ٿينديون .اڳواٽ چونڊ لاءِ اڳوڻي حڪمران ڌر دٻاءَ وجهڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي پنهنجي 125 ميمبرن جون استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو جن مان اسپيڪر 8 استعيفائون قبول ڪري ڇڏيون ۽ اليڪشن ڪميشن انهن تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي ٽن خالي سيٽن تي به ڪالهه ئي چونڊون ٿيون آهن توڙي جو استيعفيٰ ڏيندڙ پارٽي جو سربراهه پاڻ انهن 8مان 7 قومي اسيمبلي جي سيٽن تي چونڊ وڙهيو  آهي ۽ ڇهه سيٽن تي کيس سرسي حاصل آهي  پر اصل مسئلو اهو آهي ته ڇا انهن چونڊن کانپوءِ ان جي نتيجن کي قبول ڪري انهي نظام تحت اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ٿيندي يا چونڊون ٿيڻ کانپوءِ به اها رستن احتجاجن جي سياست جاري رهندي جيڪا ملڪ کي سياسي عدم استحڪام جو شڪار ڪري رهي آهي جنهن سان معاشي بحران پيدا ٿي رهيو آهي ۽ عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي. هنن چونڊن جو مقصد ته نظام کي مضبوط ڪرڻ آهي ته جيئن ڪاروهنوار آساني سان هلندو رهي ۽ پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪري پر سياسي انا ۽ ضد سبب ايئن ٿيندي نظر نه پيو اچي، ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر چونڊون کٽڻ باوجود اها اسيمبلي ۾ وڃڻ لاءِ تيار نظر نه ٿي اچي ٻيو ته ستن سيٽن مان هڪ ئي اميداوار جي بيهڻ جو مطلب ته ٻيون 6 سيٽون وري خالي ٿينديون ۽ انهن تي وري ننڍي چونڊ ڪرائي ويندي. مخالف ڌر اڳ ئي نين چونڊن جو مطالبو ڪر رهي هئي هاڻي وري کٽڻ کانپواءِ  اها چوندي ت  اها فتح سندس بيانيي جي فتح آهي تنهن ڪري وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ لاءِ هو رستن تي هوندي ۽ کٽڻ باوجود اها اسيمبلين ۾ نه ويندي، ڇاڪاڻ ته اها اڳ ئي اسيمبلين مان استعيفائن جو اعلان ڪري چڪي آهي مطلب ته ڪنهن به صورت ۾ سياسي استحڪام ٿيندي نظر نه ٿو اچي ته پوءِ هن هيڏي پريڪٽس ۽ عوام جي ناڻي تي بار وجهڻ جو ڪهڙو فائدو؟. ملڪ اڳ ئي معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ اڌ ملڪ ٻوڏ هيٺ آيل آهي ڇا اهڙي حالت ۾ وري قومي خزاني تي ننڍي چونڊ جو بار وجهي سگهجي ٿو يا عام چونڊن جي بار جو قومي خزانو  سٽ سهي سگهي ٿو؟

اسان سمجهون ٿا ته عوام جي راءِ وڏي اهميت ٿي رکي پر انهي عوام ئي هن اسيمبلي کي پنجن سالن لاءِ چونڊي موڪليو هو جتي سوا چار سال گذري ويا آهن جيڪڏهن ڇهه مهينا ٻيا گذري ويندا ته ڪا اهڙي آفت نه ايندي جو اڳواٽ ئي ملڪ کي سياسي عدم استحڪام جو شڪار بڻائجي، تنهن ڪري اسان سڀني ڌرين مان اها اميد رکون ٿا ته هنن ننڍين چونڊن ۾ عوام جي فيصلي کي احترام ڏئي پارليامينٽ ذريعي باقي معاملا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردر ادا ڪنديون ته جيئن ڪجهه وقت کانپوءِ عام چونڊون پرامن ماحول ۾ ٿي سگهن، عوام جو جمهوريت تي اعتماد بحال ٿي سگهي ۽ ملڪ به معاشي ۽ سياسي طور اڳتي وڌي سگهي.