ڪڏھن پاڻي ۾ ٻڏي وياسين ته ڪڏھن باھه جي ور چڙھياسين..!

 

اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو خون ناحق جي ڪنھن سان شڪايت ڪجي؟ ھيڏانھن باھ ھوڏانھن پاڻي ھائي خيرپور تنھنجي ڪھاڻي. خيرپور ناٿن شاھ اڄ ٻيھر سوڳ ۾. سنڌ جو ٽرانسپورٽ سسٽم ايترو ته ڪمزور آھي جنھن جو تصور به ڪري نٿو سگھجي. اسلامي رياست ۾ لکيو ويندو آھي ته اگر ڪو شخص مجبوري مان ماني جو ٽڪر چوري ڪري ته ان چور جا ھٿ ڪٽڻ جي بجاءِ اتان جي حڪمران جا ھٿ ڪٽيا وڃن. جڏھن اهو واقعو پيش آيو ته ھتي وري ڪجھ معتبر ۽ دانشور ماڻھو چون پيا ته ھي ھڪ قدرتي واقعو آھي. مطلب ھي ڏوھ به خدا تي ڇڏين پيا ۽ وقت جي قاتل حڪمرانن کي ھن واقعي کان آجو ڪن پيا. خدارا معصوم ٻارن جي سڙندڙ جسم جي سور کي توھان ھلڪو نه وٺو ھي معصوم ٻار جنھن سان خدا ستر مائرن کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو. ٽرانسپورٽ جا ادارا ھن ڳالھ کي الائي ته ڇو مذاق سمجھيو ويٺا آھن. اھڙا اڻوڻندڙ واقعا ھر روز پيش اچن پيا. سنڌ گورنمنٽ کي گھرجي ته ھن واقعي جو جلد نوٽيس وٺي ٻه نمبر ۽ جڳاڙي گاڏين کي روڪي ڇڏي ته جيئن آئندہ اھڙا واقعا پيش نه اچن. پي پنھنجي معصوم پٽن جا جنازا پڙھندي نه ڏسن.

 

شان سنڌي/ کپرو

 

باهه ۾ ڀسم ٿي ويل زندگين سان تعزيت…!

 

بهارن جي مندن ۾ سرءُ جي ڪکن وانگر ڇڻي ويل زندگيون ايڏا ته من اندر کي گهاوَ ڏئي وينديون آھن، جو اهڙي درد کي دل جي ڪنهن به ڪنڊ پاسي ۾ رکي ناهي سگهبو. پينگهن ۾ پلجندڙ دادلا ٻار ڀلا اڻڀن وارن ۾ ملبوس ٻارن جي نوحي کي ڪڏهن محسوس ڪري سگهيا آھن؟ لذيذ طعام کائي فائيو اسٽار هوٽل مان ٻاهر نڪري وڏي اوڳرائي ڏيندڙ ڀلا ڪنهن بکايل جي بک محسوس ڪري سگهيا آھن؟ اگر نه ته پوءِ چري ڇوڪري تون ڇو رات کان اداس آھين؟ تنهنجي اکڙين جا سڪي ويل ڳوڙها ڀلا ڪهڙي ڳالھه تي ماتم ڪري رهيا آھن؟

تون وري به روئين پئي چري…

ٻڌاءِ تون ڪنهن ڪنهن الميي تي ماتم ڪندينءَ؟

تون ته ويم دوران فوت ٿيل ڪنهن نوجوان ناري جي موت تي به ڳوڙھا ڳاڙين ٿي، تون ته ماني ۾ دير ٿيڻ جي ڪري ڪهاڙين سان ڳڀا ٿيل ڪنهن نياڻي جي موت تي به روئي پوين ٿي. تون بک ۾ پاهه ٿيندڙ ڪنهن جوڙي جي اجتماعي خودڪشي تي به ڇرڪي پوين ٿي. تون ته سماج جي هر فرد جي هر درد تي هنجون هارين ٿي.

خيرپور ناٿن شاھ جي خاندانن کي وڪوڙيل باھ جا شعلا، جن ڪيتريون ئي حياتيون خاڪ ڪري ڇڏيون، اهي شعلا جيڪي تنهنجي جگر کي جلائي ويا. ڇا اهي شعلا سماج جي انهن بدبودار ۽ ٺيڪيدارن کي نٿا ساڙين ؟ جن جي لاپرواهي روزانو الائي ڪيتريون جانيون ڳڙڪائي وڃي ٿي!

چري ڇوڪري..! ڌرتي جي راڄڌاني مان مرڪي نڪرندڙ ٻوڏ متاثر ۽ بک ۾ پاهه ٿيندڙ زندگين کي ڪهڙي خبر ته اهي خيرپور ناٿن شاهه پهچڻ کان اڳ هن ناڪاره سماج ۾ سڙي خاڪ ٿي ويندا. باھ جا شعلا نه صرف سندن وجود کي ختم ڪندا پر سندن ننگن، دنگن ۽ انگن جي دعويدارن جي نااهلي ۽ لاپرواهي جي ڪري سندن ڀسم ٿيل زندگيون هن سماج لاءِ سدائين سواليه نشان بڻيل هونديون. اچو ته خيرپور ناٿن شاهه جي خاڪ ٿيل زندگين تي 2 ڪوڙا ڳوڙھا هاري سندن مغفرت لاءِ قل پڙھي رسم پوري ڪري وري ڪنهن ٻي هانءُ ڏاريندڙ واقعي جو انتظار ڪريون. ٻيو پاڻ ڪري به ڇاٿا سگهون ؟

 

غلام علي گل ٻجورو/سجاول

 

ڪهاڻي

 

ڌٻڻ ……..!!

 

جگر طارق

ڪيئن آھيو ؟ ٺيڪ آھيو اميد اٿم بلڪل خوش مزاج ھوندا. مون کي توھان سان ڪجهه حال احوال ڪرڻا آهن. مون ڪڏهن به توھان کي دوستي جي رشتي سان ناھي ڏٺو، توھان کي پنهنجو ڀاءُ سمجھان ٿو. منهنجي خط لکڻ جو اھو سبب آهي ته مون تي ڪا مجبوري حاوي ٿي آهي، مون کي چوڻ مناسب نٿو لڳي ڇو ته توهان اڳيان مون نه ڪڏهن تيز ڳالھايو آهي نه ئي وري توهان کي ڪجهه روبرو ٻڌائڻ جي سگھ اٿم آئون ڏونگر وانگر ڏري پوندس. يار طارق ھي سال 2022 مون لاءِ تمام ڏکيو ثابت ٿي رھيو آهي. ھتي ڄامشورو ۾ جيڪا منهنجي موج مستي ھوندي ھئي، شادمانا ھئا، گيت گانا ھئا، اھا رونق، خوشي، ٽھڪ رمضان المبارڪ جي 27 ھين روزي تي شام ڌاري روڊ حادثي دوران فوت ٿي وئي. سحر اوچتو ھٿ ڇڏائي وئي. منهنجي مقدر جا ھاڻ رستا صحرا بڻجي ويا آهن. ھا منهنجون سموريون حسرتون ڳوٺ جي اجڙيل آثارن جيان آهن. منهنجا حوصلا ننڊڙي ڄاول ٻار جي روئيندڙ ڏڪندڙ ڄاڙي جيان بڻجي ويا آهن.

آئون آخري سال جي ايجوڪيشن پوري ڪرڻ وارو آھيان. منهنجو ننڍو ڀاءُ امڙ کي ڪاٺيون ڪري جھرجھنگ ۾ لنڊيون لتاڙي امڙ کي خوش رکڻ جا جتن ڪندو آهي. ماڻھن کي ٽن ويلن جي ماني نصيب ٿيندي آهي، پر اسان ھڪڙي وقت جي لاءِ پريشان ھجون ٿا. بابا جي بيماري اسان جي زندگي جي رستن کي سوڙھو ڪري ڇڏيو. پر جڏهن سحر جي خلوص بابت ٻڌايم ته بابا ھوءَ يونيورسٽي جو سمورو خرچ ڀري ٿي ته سندس پوڙھين اکين جا جوان خواب مرڪي پيا. رڳو ان ڪري ته آئون ڊاڪٽر ٿي ويندس ڏک سکن ۾ بدلجي ويندا. پر منهنجي تقدير جو زوال ان وقت اچي ويو جڏهن سحر جو دماغ جو ميڄالو ڏامر واري روڊ تي خون جي برسات ۾ ٻڏل ھو. ھڪ حادثو ڪيترائي حادثا ڇڏي اوندھ پکيڙي ويو. ھا پيارا ڀاءُ! ھاڻ ڄامشورو کائڻ ٿو اچي. ڄامشوري جا بلب تيز ھوائن جي شھر ۾ سڀ لڏي ٽٽي ويا. ڪوئل کان سانوڻي جي موسم وڇڙي وئي. سر سارنگ اداس آھي… منهنجي ھر امنگ اداس آھي.

مٺا طارق ڄامشورو ويران ٿي ويو. منهنجو ھر ھر خيال رکڻ واري منهنجون خوشيون پاڻ سان کڻي وئي، جنهن جي خواھش ھئي آئون اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگھان، زندگي کي نئون رنگ ڏيان منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا آهن. مون رات جو خواب ۾ ڏٺو ھو ھر ھڪ کي منهنجي پارت ڪري رھي ھئي، پر منهنجو ڪير به ھتي خيال نٿو ڪري. ڪڏهن چرين جي اسپتال ۾ وڃڻ جو سوچيندو آھيان. رات جو بستري تي سوچيندي ھن جي يادن جا عڪس سامهون ھجن ٿا. ديوار ۾ لڳل گھڙيال جو ڪانٽو ٽڪ ٽڪ ڪندو رھي ٿو، ائين سوچيندو آھيان ته ھو اچي چوي ٿي اٿ ھل ڪينٽين تي ماني کائون بک ھوندئي. ماني کائون ڪمري جو گيٽ کولڻ سان شھر جي تيز ھوائن ۾ منهنجون يادون گم ٿي وينديون آهن. ائين چرين وانگر پڪارون ڪندو رھان ٿو. پيارا طارق اچ ڄامشوري مان مون کي وٺي وڃ. آئون ھاڻ روڊن گلين کان اڻ واقف ٿي ويو آھيان، منهنجي پڙھائي سان دل نٿي لڳي،

مون کي کي ڄامشورو اجنبي ٿو لڳي. منهنجا گونگا ڳوڙھا اڪثر عجيب سوال ڪن ٿا. مون کي ياد آهي دوست! مون کي ٿورو به مٿي ۾ سور پوندو ھو توهان ويتر پريشان ٿي ويندا ھئا. ھاڻ ته منهنجي سموري اندرکي اڏوهي لڳي وئي آهي. آئون ھاڻ ڊاڪٽر جي تلاش ۾ نڪرندو آھيان، اھو ڊاڪٽر جيڪو زھر جي انجيڪشن لڳائي، جيئن ھميشه آرام ۾ پنهنجي جيون مان نڪرندڙ سحر جي ٻانهن ۾ ھميشه لاءِ سمھي پوان.

پر اڃا به سوچيندو آھيان توهان جھڙا ڀائر ۽ امڙ جھڙي شخصيت نه ھجي بابا نه ھجي ھا! ته دنيا ۾ آئون نه ھجان ها آئون زنده لاش آھيان. مون لاءِ يونيورسٽي ميخانو ٺھيل آهي، جتي لوڪ فنڪار شفيع فقير ۽ محمد رفيع جا صرف درد ڀريا نغما رھيا آهن. يونيورسٽي جي باغيچن کي ڏسان ٿو ڄڻ لڳي ٿو سرءُ جي مند اچي وئي ھجي. جتي منهنجو سڀ ڪجھه وڃائجي ويو، جتي ٽھڪن تي ٽھڪ ھئا، جتي ھاسٽل ۾ عجيب قسمن جون رونقون ھيون. اتي برسات جو خوب لطف مزو ماڻيوسين جتي ڪوئلن جون ڪوڪون تاڙي جون تنوارون، مورن جا ٽھوڪا، گلن جون ھٻڪارون انهن ۾ ويٺل پکين جا مختلف رنگ، مختلف دل کي وڻندڙ مٺيون ٻوليون، پوءِ ھلندڙ برسات دوران اسان ھاسٽل جي ٻاھر انجواءِ ڪري رھيا ھئاسين. منهنجي پير ٿاٻو کاڌو. منهنجا پير نڪري ويا ڦھڪو وڃي ڪيم. ان ڏينهن ان رات ھوءَ ايترو ته کلي سڄي ھاسٽل ۾ ھن جا تيز ٽھڪ گونجندا رھيا، ھن جو گلو خراب ٿي ويو.

ھن کي حراس تڏهن ٿيو جڏهن ڪينجھر ڍنڍ ۾ مون ھن کي راضي ڪيو ٻيڙي ۾ چڙھنداسين، نوري جي مزار تائين ھن جون اکيون بند ھيون. منهنجي ٻانهن تي مٿو رکيو جڏهن واپس آياسين تڏهن به تمام حراس ٿيو. ھن دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي، پنج ڏينهن لڳاتار آرام کانپوءِ ٺيڪ ٿي ھئي.

طارق يار! منهنجي جيون جا سڀ رنگ ڦڪا ٿي ويا آهن. اڄ پنجون ڏينهن آهي سوچيان پيو پنهنجي خوابن امڙ جي امنگن بيمار بابا جي ان خواهش ته ڊاڪٽر ٿيندس سحر سان شادي ٿيندي، سحر جو خلوص سحر جي سچائي ۽ اوچتو حادثو وڇوڙو سڀ رستا طارق يار پل صراط بنجي پيا آھن. ھلڻ مشڪل نه پر ناممڪن آهي، ڪيئن اھا وڄ جھڙي خبر امڙ ابي کي ٻڌايان. مرشد لطيف جو ھيٺيون شعر پڙهي روئي اکين تي رکيو اٿم ته:

نھائين کان نينھن، سک منهنجا سپرين،

سڙي سارو ڏينهن، ٻاھر ٻاف نه نڪري (شاھ)

اچ طارق مون کي ڌٻڻ مان ڪڍي وڃ

ھن بنا ڄام شورو وڇوڙو

ھر راھ ھر رستو سوڙھو

امڙ ۽ بابا جي ارمانن جي ارٿي جي توکي پارت. طارق! پاڻ ڄام شورو پل تان وڃون ٿا سحر جي قدمن ۾. ھاڻ خوابن ۾ ملبو.

تنھنجو

پنهنجو

سارنگ

 

شبير احمد ڪوري/ خليفو قاسم بدين

 

سنڌي قوم کي پنڻ جو عادي بنائڻ جون سازشون !

 

جنهن به قوم، قبيلي يا فرد جڏهن گداگري ڪري يا ائين کڻي چئجي ته پني کائي ڏٺو تاريخ گواهه آهي ته اهڙين قومن، قبيلن ۽ فردن جو هن ڌرتي تان نالو نشان مٽجي ويو. ڄڻ جيئري ئي مري ويا. ڇو جو ٻين اڳيان هٿ جهلي جهلي انسان اپاهج ۽ نڪمو بڻجي ويندو آهي. ضمير ۽ ساڃاه مري ويندي آهي. محنت مزدوري کان ٻرو وٺي ويندو اٿن ۽ آهستي آهستي پاڻ کي پني کائڻ جو عادي بڻائي ڇڏيندا آهن. هن وقت سنڌي قوم سان به ساڳي ڪار ڪئي پئي وڃي. ڪڏهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي ته ڪڏهن احساس ڪفالت پروگرام جي نالي تي، سنڌ جي نياڻين جي وچ شهرن، چوڪن ۽ چوراهن تي جيڪا توهين ۽ تذليل ڪئي ٿي وڃي ڪنهن کان به لڪل نه آهي ۽ آهستي آهستي اسان به عادي بڻجندا وڃون. ماضي ۾ ڪنهن ڳوٺ مان مٿي اگهاڙو لنگهڻ کي به عيب سمجهو ويندو هو، اڄ اسان جي مائرن ۽ ڀينرن جون پوتيون لتاڙجي ٿيون وڃن مٿي اگهاڙيون نٽهڻ اس ۽ سخت سردين ۾ روڊن تي دربدر آهن يا سنڌ ۾ سيلابي تباهي کانپوءِ راشن جي ڪٽي ۽ مڇرداڻين تي جيڪا تذليل ٿي رهي آهي اها به ڪنهن کان لڪل نه آهي ۽ اسان به اهڙا منهن جا پڪا بڻجي ويا آهيون جو ڀلي هفتو يا مهينو لڳي پر ڪنهن به صورت ۾ پچر نه ڇڏيندا آهيون. ڪٿان نه ڪٿان گهٽ وڌ پني ساهه پٽيندا آهيون. مجال آهي جو محنت ۽ مزدوري کي ويجهو وڃون. جيترو وقت اسان راشن جي ڪٽي لاءِ جتيون گسائيندا آهيون ايترو وقت جيڪڏهن اسان محنت ۽ مزدوري ڪريون ته مهيني کانپوءِ پاڻ ڪنهن کي ڪٽو راشن جو ڏيڻ جهڙا ٿي پونداسين پر ڪجهه هٿ ٺوڪين پاليسين ۽ سازشن اسان کي بلڪل اپاهج بڻائي ڇڏيو آهي. هڪ طرف دنيا چنڊ ۽ مريخ تي آباد ٿيڻ جون تياريون ڪري رهي آهي ته اسان وري پٿر جي دور طرف ڌڪجي رهيا آهيون. جڏهن ته اسان جا سياستدان سرمائيدار ۽ ڀوتار شاهي اهو ئي چاهين ٿا. اسان انسانن بجاءِ نالي جا ماڻهو بڻجي وڃون، اسان جو جيئڻ مرڻ سندن مرضي ۽ منشا سان هجي تڏهن ته اهڙيون اٽڪلون ۽ سازشون سٽيون ويون آهن. جي ائين نه هجي ته پوءِ اهو ڪهڙو طريقو آهي اسان جي سپورٽ ۽ واهر ڪرڻ جو جڏهن اليڪشن هڪ ڏينهن ۾ ٿي سگهي ٿي، پوليو جا قطرا ٽن ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ گهر گهر وڃي پياري سگهجن ٿا ته پوءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هجي يا احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽرن تي اهڙي ويڌن ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ سرڪار چاهي ته گهر گهر باعزت طريقي سان جيڪو به ڏيڻ چاهي پهچائي سگهي ٿي پر ائين سرڪار چاهيو ڪڏهن آهي؟ جيڪو چاهي ٿي اهڙو حشر نشر اسان پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون. جيڪڏهن سرڪار سڳوري جي من ۾ اهڙو ڪو مير نه آهي ته پوءِ بجاءِ غريبن مسڪينن جي امداد جي آسان قسطن تي ننڍا ننڍا قرض ڏئي کين محنت ۽ مزدوري جي لائق بنائڻ گهرجي، ان طريقي سان سرڪار جي ڏنل رقم به واپس خزاني ۾ اچي ويندي، مسڪين ۽ غريب به ريڙها رڪشا وٺي جدوجهد ۽ جفاڪشي ڪري آهستي آهستي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق بڻجي ويندا. باقي جيڪو ڪجهه ڏسي رهيا آهيون، رب رحم ڪري باقي اهڙين سازشي حڪمت عملين ۽ اسان جي پرڪارن لڇڻن مان ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي، رب نه ڪري سنڌي قوم جو ڪٿي وجود باقي نه رهي.

 

محمد ايوب شيخ

نوري آباد حادثي جي متاثرن جي مدد ڪئي وڃي

 

ڪراچي کان خيرپور ناٿن شاھ موٽندڙ مغيري خاندان جي بُڪ ٿيل بس کي نوري آباد ويجهو باھ لڳي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ 18 فوتگيون ٿي چُڪيون آھن. حادثي دوران ماءُ پنهنجي پٽ کي خوف مان ڀاڪر وڌو، ٻنھي کي باھ وڪوڙي وئي، جڏھن لاش ايڌي سرد خاني ۾ پھتا ته ماءُ پٽ ڀاڪر ۾ ھئا، جيڪو دل ڏکائيندڙ منظر نظر آيو. ايئن ئي ڪافي ٻيا خوفناڪ منظر ڏسڻ ۾ آيا آھن. جيڪي غريب ويچارا بي گھر ھئا، بي سھارا ھئا ۽ سيلاب متاثر ھئا. اسان جي گذارش آھي سنڌ حڪومت کي ته مغيري خاندان جي مالي مدد ڪئي وڃي. اسان سڀ مغيري خاندان سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون.

 

سماجي ورڪر عائشه خان ڏاھري/ڪراچي

 

خيرپور ناٿن شاهه واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي

 

خيرپور سانحي جي ارڙھن معصوم جانين جي زندھ سڙي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت عدالتي سوموٽو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. ٽرانسپورٽ کاتي جي صوبائي وزير، ايم9 موٽروي پوليس، ايڪسائيز کاتي ۽ بس جي مالڪ سميت سڀني ذميوارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ بيهاريو وڃي. گاڏي جي فٽنيس سرٽيفڪيٽ، ڊرائيونگ لائسنس سميت سانحي وقت موٽروي پوليس ۽ ريسڪيو ادارن جو دير سان پهچڻ جهڙي مجرماڻي غفلت ڪندڙ ذميوارن کي سزائون ڏيو.

سمير احمد بروهي واهي پانڌي ڪاڇو

پوليس لاءِ جديد ٽيڪنالوجي ڊيوائس تلاش جو استعمال

 

سنڌ پوليس کي جديد ٽيڪنالوجي استعمال لاءِ سرڪاري ادارن جي آن لائن ڊيٽا سان ليس جديد ڊيوائس تلاش شامل ڪئي وئي آهي. ڊي آءِ جي پوليس انفارميشن ٽيڪنالوجي سنڌ موجب آءِ جي سنڌ جي ڪوششن سان صوبي اندر پوليس ۽ ٿاڻن جو خوف گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ ٿاڻن کي ون ونڊو آپريشن طرز تي جديد ڊيوائس تلاش فراهم ڪئي پئي وڃي. تلاش هڪ گهمندڙ ڦرندڙ تفتيشي مرڪز آهي. جنهن سان روڊن رستن تي پوليس چيڪنگ، ڇاپن يا ڪومبنگ آپريشن دوران ڪنهن بيگناهه شهري کي ٿاڻي تي وٺي وڃڻ جي ضرورت نه پوندي. تلاش جي مدد سان فيصلو روڊن تي ئي هوندو. آزمائش طور اهي ڊيوائسز ٿاڻن ۽ سنڌ پوليس جي ٻين يونٽس کي فراهم ڪيون ويون آهن. جنهن لاءِ اهلڪارن جي تربيت جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. تلاش ڊيوائس ٿاڻن کي پوليس کي روڊن تي ناڪابندي ۽ چيڪنگ دوران زبردست مدد فراهم ڪندي. ٿاڻن ۾ داخل ڪيس، عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو ريڪارڊ، سنڌ ۽ پنجاب جو ڪرمنل ريڪارڊ آفيس، نادرا، ايڪسائيز ڊپارٽمنٽ، عدالتي ڪيسن جو آن لائن ريڪارڊ، ڊرائيونگ لائسنس برانچون، ٿاڻن جي آن لائن ڊيٽا سڀني موبائل فون ڪمپنين جو ريڪارڊ، ملڪ جي هوٽلن جو ريڪارڊ ڪراچي جي رجسٽرڊ گهريلو ملازمن جو ريڪارڊ ۽ عدالتن اندر ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو تفصيل سڀ ڪجھه سامهون هوندو. ڊيوائس ذريعي ڏوهي، شڪي، گهربل ماڻهو جي آساني سان سڃاڻپ ٿي ويندي. اگر ڪو شخص عدالت کان مفرور، اشتهاري هوندو ته ان جو ريڪارڊ تلاش ڊيوائس ۾ موجود هوندو. اگر ڪو شخص سزا کاڌل عدالت کان آزاد يا ضمانت تي هوندو. ته به ان جو ريڪارڊ سيڪنڊن ۾ دستياب هوندو. ڳالهه اها آهي ته سنڌ پوليس کي جديد ٽيڪنالوجي ۽ سائنٽيفڪ آلاتن ۽ تلاش ڊيوائس جي سال پهريان ئي ضرورت هئي ته جيئن پوليس پنهنجو ڪم بهترين نموني ڪري سگهي. سنڌ پوليس کي ڊيوائس ملڻ واري ڳالهه خوش آئند آهي. وڌيڪ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان سلسلي ۾ اهلڪارن جي تربيت تي توجه ڏني وڃي جيئن ان جو صحيح استعمال ممڪن ٿي سگهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ڏکئي ويل ۾ برسات متاثرن جا مددگار

 

تازين تباهي وارين برساتن سنڌ کي صفا لوڏي ڇڏيو ۽ سنڌ واسي ايترو ته مشڪلاتن تڪليفن ۾ گهيرجي ويا جو کين سمجھه ۾ نه پيو اچي ته هاڻي ڇا ٿيندو! هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي! هاڻي ڪيئن ان مشڪلاتن تڪليفن مان نڪرنداسين! ڪي گهرن اندر محسور ٿي ويا، ڇوته سندن گهرن جي چوڌاري برساتي پاڻي بيهجي ويو ته ڪن جا گهر پٽ پئجي ويا جنهن سبب اهي ماروئڙا پرديدار مجبورن گهرن مان پنهنجن ٻچڙن سميت نڪري پيا ۽ مختلف شهرن جي اسڪولن اسپتالن ۾ قائم ڪيمپن ۾ اچي ويٺا. انهن ڏکين حالتن ۾ جتي وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سميت سڀني وس وارن به انهن برسات متاثرن جي مدد کان هٿ مٿي ڪري ڇڏيا ۽ حڪومتي نمائندن چيو ته برسات سبب ايتري ته تباهي ٿي آهي جو اسان جو ايترو وس ئي ناهي جو اسان متاثرن جي مدد ڪري سگهون. پر اتي هر شهر وانگر ڦل شهر ۽ آسپاس جي تباهه حال برسات متاثرن جي مدد واسطي ڪيترائي سخي مرد، دردمند دل رکندڙ انسان، احساس رکندڙ شخصيتن ۾ ٻه شخصيتون هڪ ڊاڪٽر ظفرالله ڦل ٻيو حاجي عطاءُ الله ميمڻ سرفهرست هئا. جڏهن ته مذھبي جماعت جي يو آءِ ڦل جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيڪي متاثرن جي مدد واسطي پنهنجي هڙان وڙان پٽي سٽي مدد ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري پيا. حاجي عطاءُ الله ميمڻ ڪيمپن ۾ کاڌو پهچايو ۽ مسلسل جيستائين برسات متاثر ڪيمپن ۾ موجود هئا انهن کي پنهنجي گهران اوڙي پاڙي ۾ پنهنجا ڇوڪرا موڪلي اتان پڪل کاڌو گڏ ڪري موڪليندو رهيو ۽ ڊاڪٽر ظفرالله ڦل ۽ جي يو آءِ جا اڳواڻ مولانا عبدالسلام ڦل، مولانا جاويد الرحمان ڦل، مولانا عبدالقيوم ڪيريو، مولانا عبدالرحمان ڦل، مولانا فضل الرحمان ڦل پنهنجي پارٽي جي ڪارڪنن سوڌو برسات متاثرن جي مدد لاءِ نڪري پيا ۽ برسات متاثرن کي راشن، ٽينٽ، مڇردانيون ۽ کاڌو پهچايو ۽ وڏي ڳالھه ته انهن ٻنهي شخصيتن ۽ جي يو آءِ وارن پنهنجي ان بهترين عوامي ڀلائي جي سرگرمين جي ڪابه تشريح نه ڪئي پر چڱو ڪم ڪنهن کان به لڪي ناهي سگهندو سو انهن جيڪي به برسات متاثرن جي مدد ڪئي پئي اها لڪي نه سگهي. هاڻي هن وقت تقريبن برسات متاثر ڪميپن مان نڪري پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي چڪا آهن پر پوءِ به اهي شخصيتون ۽ پارٽي انهن جي مستقل بحالي واسطي سندن مدد جاري رکيو اچن ٿا پيا. هاڻي ته پارٽين کي مختلف جاين تان امداد ملي ٿي پئي ۽ اهي متاثرن تائين پهچائين ٿا پيا پر هنن جيڪي شروعاتي ڏکين حالتن ۾ جيڪا متاثرن جي سار لهندي مدد ڪئي اها تاريخ جي ورقن ۾ هميشه سونهري اکرن ۾ ياد رکي ويندي ۽ الله پاڪ کين ان جو اجرعظيم ضرور عطا ڪندو.

 

محمد خالد ميمڻ/ڦل شهر