اشو آف دي ڊي … بائيڊن جي پاڪستان مٿان تنقيد: پي ٽي آءِ جي حڪومت تي تنقيد: عوام ۾ به نئون بحث شروع ٿي ويو

0
256

  آمريڪي صدر جوبائيڊن جي پاڪستان جي ايٽمي هٿيارن بابت بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو، آمريڪا مٿان ته تنقيد ڪئي وئي پر موجوده حڪومت جي حوالي سان به پوسٽون شيئر ڪيون ويون، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته آمريڪي صدر اهڙا رمارڪس تبديل ٿيندڙ عالمي سياسي منظر کي نظر ۾ رکي ڏنا، ٽوئيٽر تي بائيڊن ڪو جواب دو ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو،

                         سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪري چيو ويو ته آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته پاڪستان دنيا جَي خطرناڪ ملڪن مان هڪ آهي، اسلام آباد وٽ ايٽمي هٿيار غير منظم آهن، ان ڳالهه جو خدشو آهي ته اهي ڪير به استعمال ڪري سگهي ٿو، جوبائيڊن پاڪستان بابت تبصرو ڊيموڪريٽڪ ڪانگريشنل ڪيمپين ڪاميٽي جي آجياڻي ۾ ڪيل پنهنجي تقرير دوران ڪيو، اِها تقريب خميس ڏهاڙي منعقد ٿي هئي، صدربائيڊن جو خطاب وائيٽ هائوس جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيو، جنهن ۾ بائيڊن چيو ته منهنجي ويجهو شايد دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪن مان هڪ، پاڪستان آهي، جنهن وٽ هٿيار غير منظم آهن، ان ڳالهه جو خدشو آهي ته ان کي ڪير به استعمال ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته سچ آهي ۽ آئون ان تي يقين رکان ٿو، هي مذاق ناهي، دنيا اسان ڏانهن ڏسي رهي آهي، اسان جا دشمن به اسان کي ڏسي رهيا آهن ۽ اندازو لڳائي رهيا آهن ته اسان ڇا ڪريون ٿا، اسان ڪيئن مسئلا حل ڪريون ٿا، بائيڊن چيو ته هن وقت گهڻو ڪجهه داءُ تي لڳل آهي، هن زور ڏنو ته آمريڪا دنيا کي اهڙي جاءِ تي وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو جيڪا اڳ نه هئي.

 اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف آمريڪي صدر جي بيان تي ردعمل ڏيندي ٽوئيٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان جا ايٽمي هٿيار محفوظ آهن، پاڪستان جو ايٽمي پروگرام ڪنهن جي لاءِ به خطرو نه آهي، پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست آهي آزاد رياستن جيان پاڪستان به پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ جو حق رکي ٿو.

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر جي بيان تي ردعمل ڏيندي ٽوئيٽ شيئر ڪندي لکيو ته صدر بائيڊن جو بيان امپورٽڊ حڪومت جي پرڏيهي پاليسي جي مڪمل ناڪامي آهي، هن حڪومت نااهلي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، عمران خان چيو ته منهنجو سوال آهي ته پاڪستان ايٽمي طاقت بڻجڻ کانپوءِ دنيا ۾ ڪٿي به ڪا اڳرائي ڪئي آهي؟ صدر بائيڊن ڪهڙي معلومات جي بنياد تي اهڙو بيان ڏنو؟ امپورٽڊ حڪومت آمريڪا سان لاڳاپن جي بحاليءَ جو بيانيو پيش ڪيو، ڇا اها آهي لاڳاپن جي بحالي؟.

فيصل جاويد ٽوئيٽ ڪيو ته ڪمال آهي پاڪستاني پرڏيهي وزير هنن پاران صفايون پيش ڪري رهيو آهي، ذهني غلامي مان ڪاش اسان آزاد ٿيون غلامي نامنظور،

شيرين مزاري ٽوئيٽ ڪيو ته بائيڊن جي پاڪستان خلاف واويلا غير متوقع ناهي ڇو ته آمريڪا اهو سڀ باقاعدگي سان ڪرڻ جو عادي آهي پر حقيقت ۾ اسان جي ايٽمي هٿيارن جي باري ۾ بيان جي باوجود امپورٽڊ حڪومت ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي خاموش سواليه نشان آهي، هونئن به تبديلي حڪومت جي آمريڪا جي سازش ڏسجي ته ان خاموشي تي به ڪا حيرت نٿي ٿئي.

شيخ رشيد ٽوئيٽ شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪا جو اصل نشانو اسان جو نيوڪليئر پروگرام آهي اسان جي معاشي سياسي اقتصادي تباهي ان جي شروعات آهي ڪرپٽ سياستدانن کي مڙهڻ پهريون قدم آهي ملڪ ۾ عدم اعتماد، گهرو ويڙهه ٻيو قدم آهي جمهوريت رهي يا نه رهي ان جا ايجنٽ مڙهيل رهڻ گهرجن، قوم فيصلو ڪري غيرت سان رهڻو آهي يا غلام بڻجي رهڻو آهي.

فاروق سومرو ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته بائيڊن جي پاڪستان مخالف بيان بعد پي ٽي آءِ وارا ايئن سرگرم ٿي ويا آهن ڄڻ آمريڪا انهن جو پنهنجو هجي، نواز شريف جي ٽوئيٽ ۽ بلاول پاران آمريڪي سفير جي طلبي ڊي مارش ڪرڻ جي بيان بعد سمورا پي ٽي آءِ وارا گم، اهي پنهنجي سياسي فائدي لاءِ ملڪي مفاد خلاف ڳالهائڻ کان نٿا مڙن.

حامد مير ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته هيروشيما ۽ ناگا ساڪي کي ايٽمي هٿيارن سان ڪنهن تباهه ڪيو هو پاڪستان يا آمريڪا ؟ ڪير وڌيڪ خطرناڪ ملڪ آهي؟ جوبائيڊن ذميوار هوندو؟

شاهنواز شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان کي ڇڏي ڪري آھي ڪو غيرتمند حڪمران يا جيڪو بائيڊن کي چوي ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام محفوظ آھي تون بڪواس نه ڪر…اختر بيگ خيرپوري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صدر بائيڊن پاڪستان کي ايٽمي طاقت رکندڙ دنيا جو خطرناڪ ترين ملڪ قرار ڏنو، هو ان ملڪ جو صدر آهي جنهن دنيا کي ايٽمي تباهي جا منظر ڏيکاريا. آگسٽ 1945ع ۾ آمريڪي ايٽم بم هيروشيما، ناگاساڪي  کي تباهه ڪيو ۽ ٻه لک ماڻهو ماري ڇڏيا. پر سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ملڪ آمريڪا نه پر پاڪستان آهي. عابد فراز پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بائيڊن  پاران  پاڪستان مخالف بيان جاري، ڏسجي ته امپورٽڊ وزير اعظم ۽ وزير خارجه جو ردعمل ڪهڙو ٿو اچي.ممتاز علي بجير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بائيڊن جو پاڪستان بابت ڏنل بيان تي پي ٽي آءِ شديد ردعمل ڏنو آهي، بائيڊن چوي ٿو ته پاڪستان دنيا جو خطرناڪ ملڪ آھي ۽ پاڪستان جو ايٽمي پروگرام به غير محفوظ آھي. عبدالخالق پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪي صدر بائيڊن  هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستان دنيا جو خطرناڪ ملڪ آهي جنهن وٽ جامع  سنڀال واري نظام کانسواءِ نيوڪليئر آهي. تمام وڏي ڳالهه ڪئي اٿس جيڪا عام طور ملڪن جا سربراهه ائين ناهن ڪندا. جڏهن توهان ڪنهن کي خطرناڪ سمجهو ته پوءِ ان کان بچڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي ضرور ٺاهيندا آهيو.آئي ايم ايف، ايف اي ٽي ايف وغيره انهي پاليسي جو حصو محسوس ٿين ٿا جيڪي پاڪستان کي سوڙهو ڪريو ويٺا آهن. يحيٰ جتوئي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بائيڊن پاران پاڪستان کي خطرناڪ ڌمڪيون، چوي ٿو ته پاڪستان جي ايٽمي طاقت غير قانوني آھي بائيڊن جنگ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي،جنهن تي خالد خان ڪوش لکيو ته موڪل اٿس، دلبر نواز ڪوش لکيو ته اوهان ته موڪل ڏئي ڇڏي اسان جي ڪرپٽ حڪمرانن کان پڇيو اٿو؟  عبدالرحمان شر لکيو ته ڌمڪي نه ڏني آهي چيو آهي ته پاڪستان طاقتور ملڪ آهي پر ڪير انگريزي سمجهي. سراج الحق دايو لکيو ته ٻڌايو پيو وڃي ته آمريڪا ۽ ھن حڪومت جو ڊرامو طئه ٿيل آهي جئين آمريڪا کي پاڪستان ۾ اچڻ جي اجازت ملي ۽ وري پاڪستان کي ساڳئي حالت ۾ آڻجي مطلب روز بم ڌماڪا ٿين ۽ ماڻھو مرن سمورو ڪجھه آمريڪن ۽ پاڪستان جي ھاڻوڪي حڪومت ۾ 14 پارٽين سان سڀ طئه ٿيل آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته پشتون پارٽين جا ماڻھو ڪونه پيا ٺھن اھي نٿا چاھين ته ھتي آمريڪا طالبان آڻي پاڪستان کي تباھ ڪري ۽ ھنن سان پاڪستان ۾ عمران خان ئي مزاحمت پيو ڪري ايندڙ وقت پاڪستان لاءِ خطرناڪ ٿئي پيو الله پاڪ رحم ڪري اسان تي ۽ پاڪستان کي محفوظ رکي آمين. فاروق ملڪ لکيو ته الله نه ڪري پاڪستان تي ڪو ڏکيو وقت اچي رب رحم ڪندو ڪرپٽ ڪامورن ڪرپٽ سياستدانن جي جيڪي اھان جي علائقي جا آھن انھن کي اصل نه ڇڏجو، نه ته بائيڊن کي چوندا سائين اسان يتيم فقير پنڻ وارا آھيون مھرباني ڪري ڪجھه گولا بارود ڏيو ته اسان توھان سان جنگ ڪريون.ڪليم جتوئي لکيو ته آمريڪا ڇا ڪندو پاڪستان وڏي طاقت رکي ٿو، منظور آزاد سومرو لکيو ته بائيڊن کي پاڪستان تي حملي ڪرڻ جي طاقت ئي ناهي نه اهڙو بيان ڏنو اٿس، ڀورل شر ۽ اشرف علي لکيو ته پاڪستان ۾ بچيو ڇا آهي جو آمريڪا جنگ ڪري تباهه ڪندو،  ڪمال ڪيريو، ارشد ڪوش، افضل چانڊيو به ردعمل ڏنو.ايم رحيم انڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان جي پينو حڪومت اڃان به خاموش..بائيڊن چوي ٿو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام ناجائز بي قاعدگي وارو آھي پاڪستان بلڪل ڪمزور ٿي چڪو آهي ھاڻي شايد عوام نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رھي.عابد فراز پوسٽ شيئر ڪئي ته بائيڊن جي بيان تي مريم نواز طرفان عمران خان کي ڀرپور جواب ڏنو ويو، شمس کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پھريان ڪجھه دوست ھميشه چوندا ھئا عمران خان کي چار سال تائين آمريڪي صدر فون ڪال به نه ڪئي . ھاڻي  بائيڊن ميان شھباز سان ملي رھيو آھي ۽ ٻه ھفتا بلاول صاحب آمريڪا رھيو آرمي چيف به ڳالھايو  . ادا بلڪل مليا  ھوندا  ان ياري جو جواب اڄ پاڪستان کي مليو . اھا آھي غلامي….ذوالفقار علي شر پوسٽ شيئر ڪئي ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام بي قائده آھي پاڪستان خطرناڪ ملڪ آھي آمريڪي صدر بائيڊن پاران چين ۽ روس سان گڏ پاڪستان تي به الزام هنيا ويا.  آدم پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  بائيڊن جي بيان تي حڪومت جو ڪوئي ردعمل ئي نه آيو. رقيب انقلابي پوسٽ شيئر ڪئي ته الله سائين خير ڪري. بائيڊن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام بي قائده آهي. يعني ناقص آهي. صوفي ظهير احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪي صدر بائيڊن جي پاڪستان خلاف غير ذميدارانه بيان خلاف اڄ به اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ئي منهن تي موچڙي سان جواب ڏنو آهي امپورٽڊ حڪومت جي خاموشي سوين سوال اُٿاري ڇڏيا. محمد باگن ڊومڪي پوسٽ شيئر ڪئي ته عمران خان کي ڇڏي ڪري، آھي ڪو حڪمران جيڪو بائيڊن کي چوي ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام محفوظ آھي تون بڪواس نه ڪر…نور محمد سمون پوسٽ شيئر ڪئي ته آمريڪي صدر بائيڊن جا پاڪستان جي نيوڪليئر بابت ويچار سامهون اچي ويا آمريڪا 1998ع ۾ تجربن کان روڪڻ لاءَ به وڏا زور ڀريا هئا پر پاڪستان ان جي باوجود ڌماڪا ڪري ڇڏيا ۽ هو بيوس ۽ خاموش رهيو. لال مهر پوسٽ شيئر ڪئي ته خان جو هڪ بهترين جواب بائيڊن کي. شبير شر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جڏهن پنهنجي ملڪ جي ادارن خلاف ٽوئيٽر مهم هلائيندا،فارين پاليسي خلاف مهم هلائيندا ته بائيڊن اهڙا بيان نه ڏيندو ته ٻيو ڇا ڪندو؟ علي مراد پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪنهن حڪمران بائيڊن کي ائين ناهي چيو ته بڪواس بند ڪر….بائيڊن جي بيان تي اسان سڀ پاڪستاني سخت ناراض آهيون، اوهان جي عزت ڪٿي مري وئي؟ بائيڊن ڪو جواب دو..طارق بلوچ لکيو ته عمران خان کي ڇڏي ڪنهن به حڪمران ردعمل ناهي ڏنو، غلام مصطفيٰ شر لکيو ته بائيڊن پاران پاڪستان کي خطرناڪ ڌمڪيون پاڪستان جي ايٽمي طاقت غير قانوني آھي بائيڊن جنگ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.اسحاق جمالي لکيو ته رڳو عمران خان ردعمل ڏنو آهي، مجيب نقرچ پوسٽ شيئر ڪئي ته بائيڊن جي بيان سان پاڪستان جي اختيارين ۾ ٿرٿلو، علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪئي ته پنهنجو ايٽمي هٿيار نٿا سنڀالي سگهو ڪو به ملڪ استعمال ڪري سگهي ٿو،آمريڪي صدر جي پاڪستان مٿان ڇتي تنقيد،پاڪستاني هر ننڍو وڏو اڳواڻ وضاحتون ڏيڻ ۾ پورو..نئون بحث شروع ٿي ويو، صدرالدين قريشي، ايم صديق سمون ۽ ٻين به پوسٽون شيئر ڪيون.