ضلعي نوشهروفيروز ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو قيام ضروري آهي!
اين آءِ سي وي ڊي سنڌ حڪومت جو هڪ بهترين ادارو آهي، جنهن ۾ سموري ملڪ جي دل جي مريضن جو جديد علاج مفت فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ ان سان گڏ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اين آءِ سي وي ڊيءَ جا جديد طرز جا چيسٽ پين يونٽس قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي اتان جي دل بزرگ مريضن لاءِ هڪ تمام وڏي سهولت آهن. ضلعو نوشهرورفيروز جيڪو اڳ نوابشاهه جو هڪ تعلقو هو، نوشهروفيرو سنڌ جو مرڪزي ضلعو به سڏيو ويندو آهي، هن وقت اين آءِ سي وي ڊيءَ جا چيسٽ پين يونٽس جيڪي آئوٽ آف ڪراچي ڪم ڪري رهيا آهن انهن ۾ حيدرآباد، ٽنڊو باگو، عمر ڪوٽ، مٺي، ڪوٽ غلام محمد، ٽنڊو محمد خان، نوابشاهه، سيهوڻ، لاڙڪاڻو ۽ ٻين مختلف شهرن ۾ اين آءِ سي وي ڊيءَ جا چيسٽ پين يونٽس آهن، نوشهروفيروز کان دل جي مريضن جو وڏو انگ اين آءِ سي وي ڊي ڪراچيءَ جو رخ ڪندو آهي، ان جو سبب ڪراچيءَ ۾ مڙيئي سهولتو موجود آهي، اڪثر مريضن کي نوابشاهه يا ٻئي ڪنهن چيسٽ پين يونٽ مان ڪجھه ٽيسٽون ڪراچي وڃڻ جو چيو ويندو آهي، ان لاءِ دل جا مريض سڌا ڪراچي ويندا آهن. ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ ۾ به دل جا 99 سيڪڙو مريض بزرگ مرد ۽ عورتون هوندا آهن جن کي پڻ قطارن ۾ بيهاري، هڪ روڊ کان ٻئي روڊ تي وري ٻي قطار ۾ بيهاريو ويندو آهي ۽ اهي بزرگ جيڪي رات جو 2 وڳي کان قطارن ۾ اچي بيهندا آهن ۽ اها قطار شاهراهه فيصل روڊ تائين وڃي پهچندي آهي ۽ اڪثر مريض ڌڪا لڳڻ ۽ رش سبب زخمي ٿيندي پڻ ڏٺا ويا آهن، جيڪي اڳ ئي دل جا مريض هجن وري کين 8 کان 9 ڪلاڪ علاج لاءِ بيهاريو ويندو آهي، تن ۾ اڪثر پوڙهن ۽ بزرگن جي حالت غير ٿي ويندي آهي. اسان جي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ پوڙهن ۽ بزرگ مريضن لاءِ ڪو مڪينزم جوڙيو وڃي ۽ ضلعي نوشهروفيروز ۾ پڻ هڪ اين آءِ سي وي ڊي يونٽ ڏنو وڃي ته جيئن هتان جي بزرگ ۽ پوڙهن مريضن کي ڏورانهن شهرن جو سفر نه ڪرڻو پوي. اميد ته سنڌ حڪومت بزرگ دل جي مريضن لاءِ ڪو نه ڪو قانون جوڙيندي جو کين 6 کان 8 ڪلاڪ قطار ۾ بيهي انتظار کان بچڻو پوي ۽ ضلعي نوشهروفيروز جي مريضن لاءِ پڻ اين آءِ سي وي ڊي يونٽ جي منظوري ڏني ويندي.
محمد ياسر نور/ٺٽ سولنگي، نوشهروفيروز
بيمار ۽ معذور ماڻهن کي گهرن ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائي وڃي!
حڪومت پيرسن ماڻهن کي گهر ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، اها سهولت 70، 80 سال جي عمر وارن ماڻهن لاءِ هوندي، ان سلسلي ۾ گذارش اها آهي ته ان کان سواءِ اهڙا ٻيا به وڏي عمر وارا شهري يا پوڙها ماڻهو آهن جيڪي ڪنهن بيماري يا معذوري جي ڪري ويڪسينيشن سينٽر نٿا اچي سگهن ۽ نه وري رش ۽ قطار ۾ بيهڻ جهڙا آهن، جيئن منهنجو والد 75 سال جي عمر وارو آهي ۽ ان کي گوڏن جي تڪليف هجڻ سان گڏ جسماني ڪمزوري به آهي ۽ هو ويڪسينيشن سينٽر تي قطار ۾ بيهي ۽ اچي نٿو سگهي، جنهن لاءِ سينٽر تي رش ۾ ويڪسين لڳرائڻ ڏکيو ڪم آهي ته اهڙن پوڙهن، بيمار ۽ معذور ماڻهن جي رجسٽريشن کان پوءِ انهن جي گهرن تي کين ويڪسين ڪئي وڃي ته جيئن اهي ويڪسينيشن کان محروم نه رهن، ملڪ ۾ هن وقت ويڪسين جي قيمت 8400 رپيا آهي پر اها ٻين ملڪن ۾ 1500 رپين ۾ ملي ٿي، ان حوالي سان حڪومت کي گھرجي ته پرائيويٽ ڪمپنين کان جواب طلب ڪري ۽ شهرين جي حقن جي تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جنهن ڪري هر متاثر مريض تائين ويڪسين پنهنجي اصل قيمت ۾ پهچي سگهي.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا، ڪربلا!
ميرپور ساڪري ۾ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي جنهن سبب زمينون خشڪ ۽ چوپايو مال مرڻ لڳو آهي. پاڻي خدا جي هڪ وڏي نعمت آهي، جنهن نعمت کان هن وقت ساڪرو، ٽاڪاڻي، لديهه ملڪان واھ جا ماڻهو محروم آھن. پاڻي جي کوٽ جي ڪري جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آهي، ان پاڻيءَ کي استعمال ڪرڻ سان هتان جا ماڻهو مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن، پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري زمينون بنجر ٿي ويون آھن. مالوند ماڻهن کي چوپايو مال وات ۾ اچي ويو آهي، ڪيترائي ڍور چڏن جي بيٺل پاڻي پيئڻ جي ڪري مري ويا آھن، پاڻي صرف انسان نه پر هر ساھ واري شيءَ جي ضرورت آھي. اسين مختيارڪار ساڪرو، اي سي ساڪرو ايٽ گهارو ڊي سي ٺٽو ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اسان جون زمينون بنجر ٿيڻ کان بچي پوڻ ۽ چوپايو مال مرڻ کان بچي سگهي ٻي صورت ۾ پاڻي پهچايو تحريڪ هلائي ويندي.
ايم اسماعيل خاصخيلي/ميرپورساڪرو
استادن کي ڪورونا الائونس ڏنو وڃي!
استاد سماج ۽ معاشري جو اول حصو آھن، استاد جي محنت سان ڪيترائي انسان وڏن عھدن تي مقرر ٿيندا آھن پر اڄ ڪلهه جي معاشري ۾ استادن تي ٺٺوليون ڪيون وينديون آھن ته استاد محنت ڪري ٻارن کي پنھنجي اولاد کان وڌيڪ ڀائي ٿو پر ڪجھ حڪومت کان وسريل استادن کي ٽيچينگ الائونس، اينڪريمينٽون ۽ ان سان گڏوگڏ ڪورونا آيو آھي جيڪا صحت جي سڀني ملازمن کي ڪورونا الائونس ملي ٿو پر تازو ٿرپارڪر جي شھر مٺي ۾ ڪورونا سبب ھاءِ اسڪول جي ڪجھ استادن کي ڪورونا ٿيو آهي، ان ۾ ھڪ استاد ھرچند ڪورونا جي ڪري پنهنجي زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويٺو آهي. سائين ھرچند تمام بھترين استاد ھو پر ڪورونا سان جنگ وڙھندي وڙھندي پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو. اسان سنڌ جي تعليم جي وزير، سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي گذارش ٿا ڪريون ته استادن کي به ڪورونا الائونس ڏنو وڃي ته بھتر آھي.
منيش ڪمار واسو/ مٺي 
روڊ حادثن تي ضابطو نه آيو!‎
روڊ حادثن تي ضابطو نه اچي سگھيو آهي، روڊ حادثن ۾ ڪافي ماڻھو مري وڃن ٿا ۽ ڪي ته وري سدائين لاءِ معذور ۽ محتاج ٿيو وڃن.  ٽريفڪ نظام، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا تحرڪ ۾ نٿا اچن، ان ڪري گھڻي کان گھڻا حادثا ٿين ٿا، ھڪ ته پراڻو نيشنل ھاءِ وري به قاتل ٿي ويو آھي، ھفتي ۾ ھڪ ٻه حادثا ٿين ٿا. لاڙڪاڻي ۾ ٽريڪٽر ڄڃ سان ڀريل گاڏي سان ٽڪرائجڻ سبب خوشيون ماتم ۾ بدلجي ويون ۽ 12 ماڻھو مري ويا، ان جا ڪھڙا ڪارڻ آھن؟ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڊاڪٽر نياز پلھ سان ٿي جنهن موجب ھڪ ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد موٽر سائيڪلون تيز ھلائن ٿا ۽ انھن وٽ لائسنس به نه هوندو آھي نه وري ٽريفڪ قانون جي ڪا خبر هوندي اٿن، موٽر سائيڪل يا ٽرانسپورٽ جو مضمون سيليبس ۾ شامل ڪيو وڃي ته ڊرائيونگ جا ڪھڙا اصول آھن، اڪثر عيدن جي موقعي تي موٽر سائيڪل تي پابندي ھجڻ گھرجي، ڇوڪرا اسڪوٽر تيز ٿا هلائين ٻيو وري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٽرانسپورٽ جا ڪلاسز ھلائڻ گھرجن ۽ احتياط ڪيئن ڪجي، ڪھڙين ڪھڙين شين جو خيال رکڻو آھي پر اھي سڀ شيون تڏھن ممڪن آھن جڏھن حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا تحرڪ ۾ اچي عمل ڪرائيندا، ٻيو ته والدين به ننڍي عمر ۾ ٻارن کي گاڏيون نه ھلائڻ ڏين ۽ انھن کي تعليم ڏين. ڪنب جو نوجوان ثاقب آرائين روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو جنھن جو آرڊر نيوي ۾ ڪئپٽن لاءِ ٿيو ھو پر نصيب جي ڳالھ آھي، اھڙا ڪيئي واقعا جيءَ کي جوري وجھن ٿا. ٻيو ته اھڙن روڊن تي ايمبولنسز جو ھجڻ ضروري آھي جو اھي ڪنھن سٺي اسپتال تائين مريضن کي پھچائين. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته روڊ حادثن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي.
شفيق حسين وساڻ/ جھنگو وساڻ 
لعل شهباز پبلڪ لائبريري سيوهڻ جو وقت وڌايو!‎
ڪتب خاني کي انگريزي ۾ لائبريري چئجي ٿو، حقيقت ۾ انهن ڪتب خانن جو بنيادي مقصد علم جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان کي بچائڻ آھي، ڪتب خانن کي معلوماتي مرڪز به چيو ويندو آهي ڇو جو اتي بيشمار ڪتاب هوندا آھن. اسان جي شھر سيوهڻ ۾ به لعل شھباز پبلڪ لائبريري سان هڪ ڪتب خانو موجود آھي، جيڪو حڪومت، عوام پاران مالڪي نه ٿيڻ ۽ بيڌياني سبب مسئلن جي ور چڙهيل آھي، هونئن ته ڪافي سارا مسئلا آھن پر سڀ کان اهم مسئلو اسان لاءِ وقت جو آھي، جيئن ته ٻين شھرن مثالطور حيدرآباد جي دائودپوٽا لائبريري ۽ لاڙڪاڻي جون لائبريرين جو وقت صبح جو 9 وڳي کان رات جو 9 تائين آھي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن به کليل هونديون آھن پر سيوهڻ جي لائبريري 9 وڳي ته کلي ٿي پر شام جو 5 وڳي ان کي زوريءَ بند ڪيو وڃي ٿو ۽ ڇنڇر تي به بند رهي ٿي. ان سلسلي ۾ اتان جي انتظاميا کي لکت ۾ درخواستون به ڏنيون ته لائبريريءَ جو وقت وڌايو وڃي پر ڪو به کڙتيل ناهي نڪتو. ان کان سواءِ اسان جي لائبريري ۾ ڪمپيوٽر ليب به غير فعال آھي ۽ ڪتاب به پراڻا آھن. اسان اعليٰ اختيارين خاص ڪري تعليم دوست سردار علي شاھ ۽ غلام  اڪبر  لغاري کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي سيوهڻ لائبريري کي سهولتون ڏنيون وڃن ۽ لائبريري جو وقت به ٻين لائبريريين جيان وڌايو وڃي ته بنا روڪ سيوهڻ جا شاگرد پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪن ۽ آفيسر ٿي ملڪ ۽ سنڌ جي خدمت ڪري سگهن.
ڪامران عزيز/سيوھڻ شريف
ڪڻڪ جي آبادگارن کي سهولتون ڏيو!
اسان جو ملڪ زرعي لحاظ کان ذرخيز ۽ مالامال آهي، هتي جا آبادگار ۽ هاري ڏينهن رات گرمين ۽ سياري ۾ محنت ڪري ملڪ کي چڱو خاصو ناڻو ڪمائي ڏين ٿا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هتان جي پورهيت هارين کي اهي سهولتون نٿيون ملن جيڪي ملڻ گهرجن. جنهن ڪري هاري احساسي محرومي جو شڪار آهن، هتان جي آبادگارن کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي مثالطور پاڻيءَ جي کوٽ، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون مهانگيون ملڻ، مناسب ۽ سرڪاري اگھ نه ملڻ، وقت تي پئسا نه ملڻ ۽ باردانو نه ملڻ جھڙا انيڪ مسئلا آهن. هن وقت سڄي سنڌ جيان خيرپور ۽ آسپاس ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل تيار آهي ۽ لابارا پڻ جاري آهن پر سرڪاري خريداري مرڪز نه کليا آهن. جنهن ڪري آبادگار سستي اگھ تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جو في مڻ اگھ 14 سو رپيا مقرر ڪرڻ باوجود ان تي عمل نٿو ٿئي. واپاري آبادگارن کان 12 سو رپيا کان 13 سو رپيا في مڻ وٺڻ لڳا آهن، ڪٽوتي ڪري آبادگارن کي ڦرڻ سميت ڪڻڪ گدامن ۾ غيرقانوني ذخيرو ڪرڻ لڳا آهن. آبادگارن کي سرڪار سالياني محنت جو پورو اجورو نٿي ڏئي. جيڪڏهن واپارين جيان ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ڪريون ته سرڪار اسان خلاف ڪارروائي ڪندي، باقي مقامي واپارين خلاف قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. آبادگارن سان ٻي ناجائزي به آهي ته هڪ پاسي حڪومت آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ جا صرف اعلان ٿي ڪري ته ٻئي پاسي ڪڻڪ لهندي ئي باردانو اپارين حوالي ڪري ننڍن آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي. جيڪا هارين ۽ آبادگارن سان سراسر ناانصافي آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪڻڪ جو اگھ وڌائي باردانو ڏئي ترت خريداري مرڪز کولي آبادگارن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.
ايڊووڪيٽ عبدالسلام سومرو/ ڪنب
ڳوٺ حاجي علي محمد مڇارو کي بنيادي سھولتون ڏيو!
سجاول لڳ قديمي ڳوٺ حاجي علي محمد مڇارو بنيادي سھولتن کان محروم آهي، ڳوٺ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو نظام نه هئڻ، پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال هئڻ ۽ روڊ اکڙڻ سبب ڳوٺاڻ سخت پريشاني جو شڪار آهن، اسان جو ڳوٺ وڏي عرصي کان بنيادي سهولتن کان محروم آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو نظام نه هئڻ ڪري اسان کي مجبورن پري پري کان پاڻي ڀرڻو پوي ٿو، ڳوٺ حاجي علي محمد مڇارو جي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري ڳوٺ جا معصوم ٻارڙا ۽ اسڪول جا استاد پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي پڙهائي ڪن ٿا، سجاول کان ڏيڊ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اسان جي ڳوٺ جو مين روڊ وڏي عرصي کان مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي، جنهن ڪري ڳوٺاڻن کي شھر اچڻ وڃڻ ۾ وڏي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اسان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ حاجي علي محمد مڇارو ۾ درپيش مسئلن ۽ ڳوٺ جو مين روڊ جلد ٺهرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جو حق رکون ٿا.
محمد صديق مڇارو/سجاول
ڳڙھي حسن ۾ ڪڻڪ جي خريداري سينٽر نه کليا!
ڳڙھي حسن ۽ ڀرپاسي ڪڻڪ جو فصل لھڻ باوجود ڪڻڪ جي خريداري جا سرڪاري مرڪز نه کلي سگهيا آھن، جنهن جي ڪري آبادگار واپارين ۽ سيٺن هٿان ڦرجي رهيا آھن، سرڪاري اگھ 2000 هزار رپيا مقرر في مڻ ھجڻ باوجود واپاري 1700 سئو رپيا مڻ جي حساب سان ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آھن ۽ پڻ مڻ تي ٻه ڪلو ڪٽوتي پڻ ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري آبادگارن کي وڏو نقصان ٿي رهيو آھي، سرڪاري خريداري مرڪز نه کلڻ ڪري آبادگار ۽ واپارين وٽ ڦرجڻ تي مجبور آھن، واپارين موقعي جو فائدو وٺندي آبادگارن کان گهٽ اگھ تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۾ مصروف آھن، علائقي ۾ 90 سيڪڙو ڪڻڪ واپارين کي وڪرو ٿي وئي آھي، جڏھن ته باقي 10 سيڪڙو ڪڻڪ آبادگار واپارين کي گهٽ اگھ تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھن، اڃا تائين نه سرڪاري خريداري مرڪز کليا آھن نه ئي وري مقامي آبادگارن کي باردانو مليو آھي. اسان جي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته جيڪڏهن ڪڻڪ خريداري نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت ۽ آبادگارن کي نقصان ٿيندو ته پوءِ هن وقت تائين سنڌ حڪومت خاموش ڇو آهي؟ مهرباني ڪري جلد سرڪاري مرڪز قائم ڪري حڪومت پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪري ۽ آبادگارن کي پڻ نقصان کان بچايو وڃي.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن 
سيف پنهجن استادن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو!
هن وقت سنڌ ۾ تعليمي ميدان ۾ پهريون نمبر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن آهي، جنهن ۾ استاد محنت ڪري مختلف سائنسي تجربا ڪرائي رهيا آهن ۽ پڻ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳڀرا آهن ته اتي استادن سان ٿيندڙ ظلم به گهٽ ناهي، جڏهن به ڪنهن هيڊ ماستر کي اسڪول جي ڊيٽا کپي، پگهار جو مسئلو هجي يا اسڪول جو ڪنهن به مسئلي سان وڃڻ سان اوهان کي هميشه جواب ملندو ته توهان معاهدو آپريٽر سان ڪيو آهي وڃي انهن کان سوال پڇو؟ هاڻي سوال اهو آهي ته سيف ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر جيڪي هميشه اسڪول اچي هروڀرو غلطي ڪڍندا آهن ته اهي ان وقت اسان کان ڇو سوال ڪندا آهن، جڏهن ته استاد سان ته هڪ پرائيويٽ آپريٽر معاهدو ڪيو آهي ۽ اهو وري ڪجهه 8 هزارن جي عيوض جيڪو 3 مهينن کان پوءِ ڏنا ويندا آهن، اسان جو مطالبو اهو آهي ته مهرباني ڪري استادن کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن وارا پاڻ ئي ٽائيم تي پگهار ڏين ۽ استادن سان ٿيندڙ هر لهه وچڙ ادارو پاڻ ئي ڪري، باقي آپريٽر اسان کي آفيسر طور قبول آهي جيڪو تعليمي اداري ۾ هوندو آهي، ايئن ڪرڻ سان استادن کي پنهجو اجورو سٺو ۽ وقت تي ملي ويندو.
سجاد علي جوڻيجو/لاڙڪاڻو
يونيورسٽي جي زندگي ۽ اتان جي دوستن جو احوال!
منهنجو جنم 1997-03-28 ۾ ٿيو، مون کي 2004ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ خليفو آگيڏنو شاهه ٻيٽ ٻيلو ۾ پهرين ڪلاس ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي 2009ع ۾ مون پنجون ڪلاس پاس ڪيو، جنهن کان پوءِ مون کي ڇهين ڪلاس ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٻيلو ۾ داخل ڪرايو ويو. مون 2014ع ۾ هتان ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ پوءِ ان سال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مڪلي ٺٽو ۾ 11هين ڪلاس ۾ داخلا ورتي. جتان مون 12هون ڪلاس 2016ع ۾ پاس ڪيو. هاءِ اسڪول کان وٺي سٺا دوست مليا ۽ ڪاليج دوران به ڪافي دوست مليا. 2016ع ۾ جتي سنڌ يونيورسٽي ٺٽي ڪئمپس ۾ داخلا ورتي ته منهنجي ملاقات ڪافي نون دوستن سان ٿي. اسان جي انگلش لٽريچر واري بئنچ هئي. جنهن ۾ سٺا دوست مليا. يونيورسٽي واري زندگي ۾ ئي شاگرد سياسي توڙي سماجي سرگرمين ۾ اڳڀرا هوندا آهن. اسان جي بئنچ ۾ ڪجهه اهڙا ئي شاگرد مليا جيڪي هر مسئلي تي اڳڀرا هوندا هئا. اسان جڏهن 2 سال پاس ڪري ٽئين سال ۾ آياسين ته اسان جي ۽ 2K17 بي بي اي ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي بئنچ باقاعده ”سنڌ يونيورسٽي ٺٽي ڪئمپس کي عمارت ڏيو“ واري تحريڪ هلائي. اسان طرفان اڄ تائين اها تحريڪ جاري آهي،  الحمدلله اسان کي استاد به بهتر مليا جن اسلام کان سياست ۽ ادب تائين اسان کي بهتر سيکاريو. ڪجهه استاد ته اهڙا به مليا جن اسان کي ايترو ڪجهه سيکاريو جنهن ڪري اسان اڄ هر مسئلي تي ثابت قدميءَ سان بيٺل آهيون. اسان کي 2020ع ۾ ئي يونيورسٽي فائنل ڪرڻي هئي پر ڪورونا وبا ڪري مارچ 2021ع ۾ يونيورسٽي جا 4 سال ڪليئر ڪياسين. منهنجي سموري بئنچ لاءِ اهي نيڪ تمنائون ۽ دعائون آهن ته منهنجا سمورا دوست هميشه خوش رهن ۽ پنهنجي وطن جي هر مسئلي تي هميشه اڳڀرا رهن.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول
سنڌ ۾ موجود ديھن جي ٻيھر سروي ڪرائي وڃي!‎
اسان وٽ اھڙو ڪو کاتو ناھي جيڪو پنهنجي کاتي جي ذريعن جا مڪمل انگ اکر رکندڙ ھجي، اھڙو حال سنڌ ۾ موجود روينيو کاتي جو پڻ آھي، کوڙ ڪم ھن کاتي جي فرضن ۾ شمار ٿين ٿا پر موجود زرعي زمين ھجي يا نج واري جابلو علائقو ھجي، جنهن جا ڪي صحيح انگ اکر موجود ھجن، آڳاٽي زمين کان اڄ تائين سرڪار کان کڻت ڪيل  توڙي انعامن ڪرامن ۾ مليل لکت ۾ زمينن جو رڪارڊ ۽ سرزمين تي صورتحال ۾ ڪافي فرق آھي، سرڪار کان کڻت ڪيل زمين نقشن ۾ ايراضي گھٽ  ڏيکاري سرزمين تي وڌيڪ قبضي ۾ ورتل زمين جو جي نقشن تي ئي اسڪيل سان ماپ ڪئي وڃي ته ڄاڻايل انگن اکرن ۾ واضع فرق نظر ايندو. اڳ ڪيل سروي ۾ ديھن ۾ ڳجھا خانا ٺھيل آھن، جن ۾ سرڪاري زمين لڪل آھي، ان لاءِ سنڌ سرڪار کي گھرجي ته سڀ کان اول نقشن ۽ فارم ست ۾  موجود ايراضي ادا ڪيل ايڪڙن جي ڍل ۽ غيرآباد زمين جي جوڙ ڪري ته اھو ڪڏھن به ميچ نه ٿي سگھندو ياد رکڻ گھرجي ته سرڪار کان کڻت ڪيل زمينن جي ملڪي تاريخ ۾ بورڊ آف روينيو آفيسرن تي انڌو اعتبار ڪري ھڪ دفعو ڪيل سروي جي ڪا عارضي سروي ڪري تصديق ناھي ڪئي، ٽي سئو سال اڳ ڪيل سروي تي بيوقوفاڻا اعتبار ڪيو ويو آھي. اھڙي ريت کوڙ سرڪاري زمين جنهن کان سرڪار به اڻواقف آهي، ڇاڪاڻ ته اھڙي قسم جي زمين جي نقشن ۾ به ظاھر ناھي. مختلف کاتن ۾ بلڪل به جادو ٿيل آهن، ان لاءِ سنڌ سرڪار جي صوبي ۾ موجود ديھن جي ماپ ڪرائي ته وڏا وڏا انڪشاف ٿيندا.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي، سيوهڻ