لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ ڏندن جي پرائيويٽ ڪلينڪ کي اوچتو باھ لڳي وئي، جنهن سبب لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو. خبر موجب جناح باغ چوڪ واري علائقي ۾ ڊاڪٽر آفتاب راھوجو جي ڪلينڪ کي اوچتو باھ لڳي وئي، باھ لڳڻ سبب ڪلينڪ ۾ پيل ڏندن جون مشينون، فرنيچر، ٽي وي سميت ٻيو سامان سڙي ويو. اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پھتو، جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته باھ شارٽ سرڪٽ سبب لڳي آهي.