گهوٽڪي: گهوٽڪي واسي ستين ڪلاس جو شاگرد فرحان علي راجپوت پراسرار طور گم ٿي ويو آهي جڏهن ته وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کي اطلاع ڪري ڇڏيو آهي.شهر جي ٽنڊو ٽٻائي محلي جي رهواسي پورهيت محمد اصغر راجپوت جو پٽ ستين ڪلاس جو شاگرد محمد فرحان راجپوت ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، سندس والد اصغر علي راجپوت جو چوڻ هو ته پٽ محمد فرحان راجپوت کي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان موبائيل فون تي ڌمڪيون ملي رهيون هيون، پوليس نينگر کي بازياب ڪرائي ڏئي، هن چيو ته پٽ جي اوچتو گم ٿيڻ تي گهر ڀاتين ۾ پريشاني جي لهر ڇانيل آهي، گهوٽڪي پوليس کي ملندڙ ڌمڪين وارن نمبرن جا پڻ تفصيل ڏيئي ڇڏيا آهن.