ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته هڪ ڏينهن اندر خودڪشين جا 6 واقعا پيش آيا آهن، سنڌ ۾ خودڪشين جي واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي ان جو ذميوار ڪير آهي؟ خودڪشين جي واقعن کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مهانگائي، بيروزگاري، بک بدحالي، تعليم جي کوٽ، قرض، سماجي اڻ برابري، لاقانونيت خودڪشي جا ڪارڻ آهن، خودڪشين جي وڌندڙ واقعن جي حڪومت ذميوار آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي بابر وساڻ لکيو ته خودڪشين جي واقعن ۾ واڌ جي حڪومت ذميوار آهي.خادم گهراڻو لکيو ته خودڪشي جو سبب ذهني تڪليف آهي هن وقت هر هفتي تيل بجلي جي اگهه کي وڌايو وڃي ٿو دوائون مهانگيون اٽو پنجهٺ کان ستر ڪلو هڪ مزور جي ڏهاڙي پنج سو رپيا جيڪي گهرج جون شيون آهن اهي نٿا خريد ڪري سگهن پوءِ پريشان آهن، خودڪشي جو حل اهو آهي ته سستائي ڪئي وڃي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي. ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته دراصل خودڪشي ڪرڻ انتهائي بزدلي آھي، خودڪشي ڪرڻ گناهه آهي، هڪڙا ماڻھو غربت ڪري خودڪشي ڪندا آھن. جاويد هڪڙو لکيو ته ڪير به پنهنجو ڏک ڪنهن سان ونڊي نٿو جنهن ڪري مايوسي ۾ ماڻهو انتهائي قدم کڻي ٿو، بابو ظفر لکيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشين جو سبب مائيڪرو فنانس بئنڪون به آھن جيڪي قرض ته آساني سان ڏئي ڇڏن ٿيون پر وصولي مهل ڪابه رعايت ناهي هوندي ٻھراڙي ۾ ان جو وڏو سبب مائيڪرو فنانس بئنڪون چئي سگهجي ٿو بيروزگاري جو مسئلو به وڏو آھي مهانگائي وڌڻ کانپوءِ گهر جا خرچ پورا نه ٿيڻ سبب پنهنجن ٻچن کي بکيو ڏسي به غريب ماڻھو حل خودڪشي ۾ ڳولهي ٿو پر خودڪشي مسئلي جو حل نه آھي ڪجھه نوجوان پسند جي شادي نه ٿيڻ سبب خودڪشيون ڪن ٿا، بادل سگراماڻي لکيو ته ماڻهو ڪاوڙ ۾ اچي خودڪشي ڪن ٿا. زاهد شيخ پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، نماڻو نوناري لکيو ته بک، بيروزگاري، مهانگائي سبب خودڪشيون ٿي رهيون آهن، معصوم ٻار بک وگهي فوت ٿين ٿا، حڪومت ذميوار آهي. طارق باجڪاڻي لکيو ته بيروزگاري خودڪشي جو ھڪ اھم سبب آهي بيروزگاري سبب جڏهن انسان گهر جا خرچ پورا نٿو ڪري سگهي ته ذهني پريشاني ۾ مبتلا ٿي اهڙو قدم کڻي ٿو، امولک داس سواڻي لکيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشين جو ڪارڻ بيروزگاري مھانگائي بک بدحالي آھي، سرڪار ھر روز عوام مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائي پئي اٽو اڄ به 65 رپيا وڪرو ٿئي پيو ماڻھو ھڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آھن سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جي ڪابه سھولت ڪونھي، ڪمائي جا وسيلا نه ھئڻ ڪري مجبورن غريب ماڻھن ۾ خودڪشين جو رجحان وڌي پيو، عبدالقدير شر لکيو ته وڌندڙ خودڪشين ۽ معاشي مسئلن جو پاڻ ۾ سڌو تعلق آهي ھڪ ٻي ڇرڪائيندڙ حقيقت اھا به آھي ته اڄڪلھه اسان جو نوجوان ھر ننڍي وڏي مسئلي کي منھن ڏيڻ بدران فراريت اختيار ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، سمير احمد لکيو ته سرڪار کي گهرجي ته بيروزگار نوجوان کي نوڪري ڏنيون وڃن ته خودڪشي واقعا نه ٿيندا، شنڪر باغي لکيو ته بک، بدحالي، بيروزگاري، سماجي اڻبرابري، لاقانونيت ان سميت ٻيا ڪيئي ڪارڻ آھن جنهن جي ذميوار سڌي سنئين سنڌ سرڪار آھي، ايم صادق سومرو لکيو ته سنڌ ۾ خودڪشين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي جنهن جو ڪارڻ بک بدحالي آهي حڪومت اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ قدم کڻي، فرمان چانڊيو لکيو ته خودڪشي جو ڪارڻ غربت بُک بدحالي ۽ بيروزگاري آهي اخبارن ۾ اڪثر پڙهندا آهيون ته فلاڻي نوجوان بيروزگاري سبب خودڪشي ڪئي، عمر پنهور لکيو ته خودڪشي جي ذميوار حڪومت آهي، ڇو ته سنڌ ۾ نوڪريون نه ملڻ ڪري نوجوان انتهائي قدم کڻن ٿا، عاشق حسين لکيو ته خودڪشين جي واقعن ۾ سنڌ اندر روز بروز اضافو ٿي رھيو آھي جيڪو خوفناڪ عمل آھي ان جي روڪٿام لاءِ حڪومتن کي اپاءَ وٺڻ گھرجن، منيش واسو لکيو ته خودڪشيون وڌي رهيون آهن اسان جي ٿر ۾ خودڪشين جو ڪارڻ تعليم نه هجڻ آهي، هتي نياڻين جي تعليم 10 سيڪڙو آهي، راشد لطيف لکيو ته مهانگائي بيروزگاري سبب خودڪشيون ٿي رهيون آهن، اختر سنڌيار لکيو ته خودڪشين جو مکيا سبب احساس ڪمتري آھي، ننڍپڻ کان ٻار تي اثر پوي ٿو، ان جي پسند ناپسند جو خيال نٿو رکيو وڃي، پڙهڻ شروع ڪري ٿو ته خاندان وارا زوري پنهنجي مرضي سان ڊپارٽمينٽ لاءِ به زور ڀريندا آهن، ڪيريئر ڪائونسلنگ نه هئڻ سبب واقعا ٿين ٿا، ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته بک بدحالي ۽ بيروزگاري سبب اهڙا واقعا ٿين ٿا، علي مراد لاشاري لکيو ته بيروزگاري ۽ مهانگائي ڪري انسان انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿئي ٿو، اياز صالح پليجو لکيو ته جڏهن جيئڻ جنجال ٿي وڃي ته پوءِ انسان اهڙو قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي، اظهر شر لکيو ته سڀ کان وڏو سبب بيروزگاري ۽ مهانگائي آهي ان تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ته آپگهات جي واقعن کي روڪڻ ۾ ڪافي مدد ملي سگهي ٿي، احسان علي سومرو، عبدالرحمان چانگ لکيو ته بک بدحالي ۽ بيروزگاري سبب ماڻهو خودڪشيون ڪن ٿا حڪومت ذميوار آھي، حاڪم علي لکيو ته گهرو اڻبڻت، پسند جي شادي نه ٿيڻ، دماغي توازن ٺيڪ نه هجڻ خودڪشي جا ڪارڻ آهن، عرض محمد پيرزادو لکيو ته وسيلن جي بهتر طريقي سان ورهاست نـ هجڻ ڪري اهي مسئلا جنم وٺن ٿا، وحيد ڄامڙو لکيو ته اسان جي ملڪ اندر مھانگائي عروج تي آھي بک بيروزگاري سبب خودڪشي جا واقعا وڌي رھيا آھن، علي مراد جوکيو خودڪشي جي واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، سڪندر علي لکيو ته نوجوان بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن مظفر بوزدار لکيو ته خودڪشي بزدلي آهي جيڪو به مسئلو هجي ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، ايم صديق کوسو لکيو ته بيروزگاري سبب واقعا ٿين ٿا، عجب گل، نور احمد ٻگهيو ۽ عامر حسين لکيو ته حڪومت ذميوار آهي، مسرور شر غربت ڪارڻ قرار ڏنو، واحد بخش بلوچ لکيو ته خودڪشي جوسبب گھريلو جھيڙا به آهن، فقير اعجاز ڏاهري بيروزگاري، شمس الدين رند غربت، علي محمد کوسو مهانگائي کي خودڪشي جو ڪارڻ قرار ڏنو.