لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون.لاهور ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي قيادت اسيمبلي فوري طور ٽوڙڻ جي راءِ ڏني. اجلاس کانپوءِ پرويز الاهي ۽ مونس الاهي به زمان پارڪ پهچي ويا ۽ عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ بابت مشاورت ڪئي وئي،  اسيمبلي ٽوڙڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو، جنهن بعد پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري تي صحيح ڪري گورنر ڏانهن اماڻي ڇڏي، هواڏنهن گورنر بليغ الرحمان پاران پڻ وڏي وزير جي سمري ملڻ جي تصديق ڪئي آهي، گورنر هائوس جو چوڻ آهي ته سمري تي آئين ۽ قانون موجب عمل ڪيو ويندو. ٻئي طرف صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري ٻڌايو ته وڏي وزير اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، ايڊوائس گورنر کي موڪلي وئي آهي، گورنر اسيمبلي نه ٽوڙيندو ته 48 ڪلاڪن ۾ پاڻ ٽٽي ويندي. هن چيو ته اسان ق ليگ، پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جا ٿورائتا آهيون، ائين ئي اسان ڪي پي اسيمبلي به ٽوڙينداسين، ٻنهي صوبن ۾ چونڊون ٿينديون. فواد چوڌري چيو ته ثابت ٿي ويو سياست ۾ هاڻ به اصول مٿي آهي، اسان جي ميمبرن تي دٻاءُ هو ۽ انهن ووٽ ڏنو. سندس چوڻ هو ته ائين ئي خيبر پختونخواهه اسيمبلي به ٽوڙينداسين، اسان عوام ڏانهن وڃڻ جو واعدو ڪيو آهي، اسان کي پنهنجون حڪومتون ختم ڪري عوام وٽ وڃڻ ۾ ڪا ڏکيائي ناهي.فواد چوڌري چيو ته اسان 48 ڪلاڪن ۾ حمزا شهباز کي عبوري حڪومت لاءِ خط لکي رهيا آهيون، آئين جي گهرج آهي ته اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪري عبوري حڪومت جوڙي وڃي.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته 90 ڏينهن اندر پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن، پاڪستان جي اٽڪل 60 سيڪڙو سيٽن تي اهي چونڊون ٿينديون.سندس موجب اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت کي پنهنجو ضد ڇڏڻ گهرجي، پاڪستان اندر اليڪٽورل فريم ورڪ طئي ڪنداسين ۽ پاڪستان کي قومي چونڊ ڏانهن وڌڻ گهرجي.

لاهور/ پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خيبر پختونخواهه جي قيادت جو اجلاس طلب ڪري ورتو.عمران خان خيبر پختونخواهه جي قيادت جو اجلاس سڀاڻي زمان پارڪ لاهور ۾ طلب ڪيو آهي، وڏو وزير محمود خان، ڪابينا ميمبر ۽ ٻي قيادت سڀاڻي عمران خان سان ملندي.اجلاس ۾ خيبر پختونخواهه اسيمبلي ٽوڙڻ جي روڊ ميپ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري به هفتي تائين موڪلڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته اسين عمران جا سپاهي آهيون ڪپتان جنهن مهل به حڪم ڪيو اسيمبلي ٽوڙڻ ۾ دير نه ڪنداسين، هن چيو ته عمران خان جو حڪم ملڻ بعد اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري گورنر ڏانهن اماڻي ويندي جڏهن ته ڪي پي حڪومت جي ترجمان بيريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ بعد ڪي پي اسيمبلي جي سمري ڇنڇر تي اماڻڻ جو امڪان آهي خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن تصديق ڪئي ته اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ گورنر کي خط اماڻيو ويندو.