لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي طرفان اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ حڪومتي اتحاد جي ٽن وڏن ۾ اهم رابطو ٿيو آهي. پرويز الاهي طرفان صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيحن کانپوءِ ن ليگ قائد نواز شريف جو جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو.ن ليگ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جي ٽنهي وڏن ۾ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي معاملي تي مشاورت ٿي، آصف علي زرداري پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ کان روڪڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ جي تجويز ڏني.ذريعن موجب نواز شريف ان معاملي تي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس فوري طور گهرائڻ جي تجويز ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو صدر اڄ لاهور پهچي ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت سان ملاقات ڪندو ۽ کيس ق ليگ جي ميمبرن سان رابطي ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي اتحاد جي ٽنهي وڏن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ق ليگ جا ايم پي ايز اسيمبلي ٽوڙڻ خلاف گورنر سان رابطو ڪري پرويز الاهي تي عدم اعتماد ڪن ٿا ته پوءِ گورنر  سمري روڪي وڏي وزير کي ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چئي سگهي ٿو.