اسلام آباد(م ڊ) صدر عارف علوي موجوده فوجي قيادت ۽ عمران خان وچ ۾ ڳالهيون ڪرائڻ جون ڪوششون ڪرائڻ جا اطلاع رد ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ صدر عارف علوي حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ کي گڏجي ويهڻ جي آڇ ڪندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ سياسي جماعتون ئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن. هن چيو ته موجوده اتحادي حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهه ٻولهه کان لنوائي رهي آهي، پي ٽي آءِ ۽ حڪومتي اتحاد ۾ هڪ مهيني دوران ڪو رابطو ناهي ٿيو، سياسي ميدان ۾ اڄ هر ڪو پلاند ئي وٺي رهيو آهي، ملڪ جو سياسي پارو گهٽ ڪرڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته عمران خان موجوده آرمي چيف جي نالي تي اطمينان جو اظهار ڪيو هو، موجوده فوجي قيادت ۽ عمران خان وچ ۾ ڪو ڊائلاگ نه پيو ڪرايان پر عمران خان ۽ موجوده حڪومت ۾ ڳالهين جو حامي آهيان، حڪومت ڳالهين جي حامي ته ڀري پر نتيجو نه ڏيکاريو. صدر اڳوڻي آرمي چيف ۽ عمران خان ۾ اختلافن جو وڏو سبب سوشل ميڊيا کي قرار ڏيندي چيو ته سوشل ميڊيا کي انهن معاملن ۾ ضرورت کان وڌيڪ اهميت ڏيون ته خرابي پيدا ٿيندي آهي، پاڪستان ۾ يوٽيوب ٻن سالن تائين بند رهيو، راءِ ٺاهيندڙ ان کي سنڀالي نه سگهيا، ملڪ ۾ فيصلو ڪندڙ سوشل ميڊيا کي صحيح طريقي سان هينڊل نه پيا ڪري سگهن، منهنجي خيال ۾ انهن کي سوشل ميڊيا کي بهتر انداز ۾ هينڊل ڪرڻ گهرجي. عام چونڊن بابت سوالن تي عارف علوي چيو ته هي چونڊن جو سال آهي، چونڊون ٿيڻ گهرجن، سياسي جماعتون پاڻ ۾ طئي ڪن ته چونڊون تڪڙيون يا دير سان ٿين، چونڊن جي معاملي تي ڳالهايو وڃي ته جيئن معيشت ۽ ماڻهن جي ڀلائي جو ڪم ٿي سگهي.