ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن مان کنڀي گم ٿيل شهرين کي فوري طور تي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ پوليس، گهرو کاتي، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کان ڇهن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڪالهه مختلف علائقن مان گم  ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران عدالت گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري مهدي علي نقوي جي ڀيڻ عدالت آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو ڀاءُ پنجن سالن کان گم آهي،  هر ٻڌڻي تي ڪجهه ڪاغذ ڏنا ويندا آهن، اسان ڪاغذن کي ڇا ڪنداسين؟ اسان کي ڀاءُ بازياب ڪرائي ڏنو وڃي، ان موقعي تي عدالت عورت کي مخاطب ٿيندي چيو ته پوليس ۽ ٻيا ادارا توهان جي ڀاءُ جي بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عدالت به معاملن جو جائزو وٺي رهي آهي، اوهان جو ڀاءُ جلد بازياب ٿيندو. ان موقعي تي عدالت شهري ظفر اقبال، محمد حسين، ملڪ رضوان سميت گم ٿيل ٻين شهرين کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت شهري ذيشان جي گهر واپس موٽڻ تي ڄاڻايل درخواست اڪلائي ڇڏي، جڏهن ته عدالت ڪيس جي پيروي نه ڪرڻ تان گم ٿيل شهري اعزاز الحسن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو مامرن جي وفاقي وزير رانا ثناءُ الله ۽ سردار اياز صادق سان ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير امين الحق ۽ خالد مقبول صديقي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪراچي ۾ مبينا طور تي لاپتا ماڻهن جي لاشن ملڻ واري واقعي تي گهرو وزير افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي آزاد جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، هن چيو ته ان واقعي جي مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته سنڌ حڪومت سان گڏ واقعي جي جاچ ڪرائي ويندي.