ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن مان ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 2 لاپتا ڪارڪنن ۽ لياري گينگ وار جي ڪمانڊر جا لاش هٿ ، وارثن جو الزام آهي ته ٽنهي کي کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن بعد سندن تشدد ٿيل لاش مليا، وفاقي گھرو وزير پاران جاچ ڪرائڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ پٿوري ويجهو ميرپور خاص_ عمر ڪوٽ مين روڊ تان 4 سال اڳ ڪراچي جي لياري واري علائقي مان گم ٿيل نوجوان سهيل عرف سميع ولد حسن مڪراني جو لاش مليو، علائقي واسين جي اطلاع تي پٿورو پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال آندو، جتي سندس کيسي ۾ پيل شناختي ڪارڊ مان سڃاڻپ ٿيڻ بعد وارثن کي اطلاع ڪيو ويو، جنهن بعد وارث پٿورو پهتا ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وصول ڪيو، فوتي جي ڀاءُ فاروق حسن ۽ ڀائٽي شعيب مڪراني صحافين کي ٻڌايو ته نوجوان 4 سال اڳ لياري ڪراچي مان کنڀي گم ڪيو ويو هو، انهي واقعي  جي ايف آءِ آر ڪراچي جي بغدادي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، اسان گذريل چئن سالن کان پنهنجي ڀاءُ جي ڳولاءِ لاءِ دربدر هئاسين، اسان کي اڄ لاش مليو آهي. هنن چيو ته اسان جو هڪ ٻيو ڀاءُ به گم ٿيل آهي،  جنهن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي. ٻئي طرف ڪراچي سٽي پوليس موجب سهيل عرف سميع جو تعلق لياري گينگ وار عذير بلوچ گروپ سان هو، سندس خلاف بغدادي ٿاڻي تي 10 ڪيس داخل ٿيل آهن، سهيل  شيراز ڪامريڊ جو ويجھو دوست هو، ٻئي طرف گذريل ڏينهن قاضي احمد ڀرسان چنيسر اسٽاپ وٽان ھٿ آيل لاش جي سڃاڻپ عابد عباسي عرف عابد چيئرمين طور ٿي وئي، وارث تعلقي ٿاڻي تي پهچي لاش ڪراچي کڻائي ويا، پوليس موجب عابد عباسي جي پٽ محراب عباسي ۽ ڀاءُ محمد عامر عباسي لاش جي سڃاڻپ ڪئي، پوليس موجب لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آھي. جڏهن ته  ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا ورتا آهن، پوليس موجب عابد عباسي جي پٽ محراب عباسي ۽ سندس ڀاءُ عامر عباسي جو چوڻ آھي ته عابد 2016 ۾ گم ٿي ويو هو، جنھن جو هاڻي لاش مليو آهي، عابد عباسي ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ مسلم ٽائون جو رھواسي ھو، ٻئي طرف ايم اڪيو ايم لنڊن جي دعويٰ  موجب عابد عباسي ايم ڪيو ايم سان سلهاڙيل هو، جنهن کي کنڀي گم ڪيو ويو هو، هوڏانهن ميرپورخاص ويجھو عمرڪوٽ روڊ تان شگر ملز واري علائقي مان برساتي پاڻي مان لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ 45 ورھين جي وسيم اختر عرف راجو طور ڪئي وئي، جيڪو ڪراچي جي الفلاح سوسائٽي ملير ھالٽ جو رھائشي هو، راجو جي ڀاءُ جو چوڻ ھو ته وسيم 8 اپريل 2017 کان گم هو، سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي لاش ھٿ اچڻ واري خبر ڏسي سڃاڻپ ڪئي آهي، پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف مصطفيٰ عزيز آبادي موجب راجو ايم ڪيو ايم سان سلهاڙيل هو، جيڪو گذريل 5 سالن کان گم هو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن متحده ايم اين اي صلاح الدين جي 5 سال اڳ کنڀيل سالي بشارت صديقي  جو لاش شاهپور چاڪر  ڀرسان روڊ تان هٿ آيو هو

ڪراچي: ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ وفاقي وزير فيصل سبزواري مطالبو ڪيو آھي ته ايم ڪيو ايم جي لاپتا ٽن ڪارڪنن  جا لاش ملڻ واري واقعي جي غير جانبدار انڪوائري ڪرائي وڃي،  جيڪڏهن اسان جي پرامن جدوجھد جي موٽ ۾ ڪارڪنن کي اعتماد نه ورتو ويو ته ھن شھر جا ٻار ڪنهن ٻئي رخ  طرف ويندا ـ رات ايم ڪيو ايم مرڪز تي ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته  اسان جي ڪارڪنن جا لاش اندرون سنڌ مان ملن پيا، اسين لاپتا ڪارڪنن جي بازيابي لاء حڪومت ۾ شامل ٿيا ھئاسين پر موٽ ۾ اسانکي لاش ڏنا پيا وڃن ـ آئون لاپتا ماڻهن واري ڪميشن جو ميمبر آھيان ۽ انھي تي آواز اٿاريندس،  ھن چيو ته 1992 ع کان آپريشن جاري آھي، اسان خلاف ظلم جا صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ذميوار آھي. آئون وفاقي وزير آھيان پر سوال اٿاريان پيو  ته ڪيترائي لاپتا ماڻهو ملڪ کان ٻاھر ھليا ويا آھن ته پوء انهن جا لاش اندرون سنڌ مان ڪيئن پيا ملن؟ ھ ڇا ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ھن وطن جا پٽ ناھن؟ رابطا ڪاميٽي  جي اجلاس بعد اڄ پريس ڪانفرنس ڪري اڳتي جي حڪمت عملي ٻڌائينداسين