اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سمورين وفاقي وزارتن، ڊويزنن، ماتحت ادارن کي گريڊ هڪ کان گريڊ 16 تائين هڪ سال کان خالي پيل سموريون پوسٽون ختم ڪرڻ لاءِ لکت ۾ هدايت ڪري ڇڏي آهي. “پنهنجي اخبار” وٽ وفاقي حڪومت جي موجود دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ناڻي وزارت جي سمري تي ڪابينا جي سڌارن بابت ڪاميٽي پاران فيصلو ڪيو ويو آهي ته هڪ سال کان سمورين وزارتن، ڊويزنن، ماتحت ادارن ۾ گريڊ هڪ کان گريڊ 16 کان خالي پيل سموريون جايون ختم ڪيون وينديون، اهو فيصلو صرف صحت، تعليم ۽ پوليس ڊپارٽمينٽ تي لاڳو نه هوندو، 18 مارچ 2021ع تي سمورين وزارتن کي لکت ۾ اماڻيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته تمام وزارتن جا سيڪريٽري لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن توڙي ماتحت ادارن ۾ هڪ سال کان خالي پيل گريڊ هڪ کان گريڊ 16 تائين جي جاين جي ختم ڪرڻ لاءِ خالي پيل جاين جي هڪ مهيني اندر نشاندهي ڪن، ليٽر ۾ هڪ مهيني جي ڏنل مدت 18 اپريل تي ختم ٿيندي، ذريعن مطابق وفاقي حڪومت جي اهڙي فيصلي سان هزارين پوسٽون ختم ٿينديون.