اسلام آباد (بيورو رپورٽ) 12 مارچ تي ٿيل سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ واري ڏينهن سينيٽ جي ايوان ۾ ڳجهيون ڪيمرائون لڳائڻ واري مامري جي جاچ لاءِ سينيٽ جي 7 رڪني ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي منظوري سان سينيٽ جي جوائنٽ سيڪريٽري محمد زبير ٿهيم پاران جاچ ڪاميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر سڪندر منڌري، نواز ليگ جي رانا مقبول احمد، پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير اعظم سواتي، بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) مان سرفراز احمد بگٽي، جي يو آءِ جي طلحيٰ محمود، فاٽا مان هدايت الله کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ستون ميمبر پپس جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد انور کي ايڪس آفيشو ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن تحت ان ڪاميٽي کان ڳجهين ڪيمرائن بابت هڪ مهيني اندر رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، ياد رهي ته 12 مارچ تي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي عهدي تي چونڊ واري ڏينهن سينيٽ اندر پولنگ بوٿ مٿان توڙي پولنگ بوٿ اندر ڳجهيون ڪيمرائون لڳائڻ جو انڪشاف ٿيو هو، اهڙيون ڪيمرائون مخالف ڌر جي ميمبرن منظر عام تي آنديون هيون، جنهن بعد اهو مطالبو ڪيو ويو هو ته ان مامري جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي.